سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ روڊن جي حفاظت جي قانون تي عمل لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ روڊن جي حفاظت جي قانون تي عمل لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪميٽي موٽر وهيڪل قانون ريگوليشنز 1965ع ۽ روڊ سيفٽي ايڪٽ 1985 تحت جوڙي وئي. ڪميٽي موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۽ موٽر وهيڪل رولز 1969ع واپاري گاڏين ڊمپرن ۽ واٽر ٽينڪرن جي نگراني ڪندي. روڊ چيڪنگ ڪميٽي جي صدارت سيڪريٽري صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ ڪندو. سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪراچي، ٽريفڪ پوليس جا نمائندا ۽ ايم وي آءِ ونگ سنڌ حڪومت جا 3 موٽر وهيڪل انسپيڪٽر ڪميٽي ۾ شامل هوندا. ڪميٽي جي ذميواري ۾ واپاري گاڏين جي ضروري دستاويزن جن ۾ رجسٽريشن بڪ، روٽ پرمٽ، فٽنس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊرائيورنگ لائسنس جي جاچ ڪرڻ شامل آهي. اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ ٻين ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي خاص روڊن تي چيڪنگ به ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊن تي شهرين جو تحفظ ۽ سندن ڀلائي سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته انساني زندگين کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتي قدمن جو مقصد ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي هاڪاري طريقي سان منهن ڏئي روڊن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
20%
1.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون