- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.
واشنگٽن ۾ قومي نيرن واري تقريب ۾ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تقريب ۾ آمريڪي اختيارين سميت سڄي دنيا جي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۾ ٿيل قومي نيرن واري تقريب ۾ سڄي دنيا جون اهم شخصيتون موجود هيون، آمريڪي صدر خطاب به ڪيو.
ان کان اڳ واشنگٽن ۾ قومي دعائيه نيرن واري تقريب کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به خطاب ڪيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي، مذهب کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.
واشنگٽن ۾ قومي دعائيه نيرن واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي نيرن بين المذاهب ڀائيچاري جو هڪ تمام سٺو موقعو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن سان برابر جي سطح تي ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هر مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مڃيندو آهي، هي قومي دعائيه تقريب نه عالمي دعائيه تقريب آهي.
پ پ چيئرمين ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون به ٿيون، هو هاڻي پرڏيهي وزير ناهي جڏهن ته سموريون ملاقاتون ذاتي حيثيت ۾ ڪيون آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين سان گڏجي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تقريب ۾ سڄي دنيا مان ماڻهو شريڪ ٿيا، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڄاڻي تي خطاب به ڪيو.- Advertisement -
