سنڌ هائيڪورٽ پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025ع خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025ع خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025ع جي ٻن شقن ٽو آر ۽ 26 اي کي چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪندي چيو ته پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 جي شق ٽو آر ۽ 26 اي آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ڀڃڪڙي آهي، پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 ۾ شامل ڪيل قلم ٽو آر مڪمل طور تي غير آئيني ۽ ملڪ جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي خلاف آهي. درخواست ڏيندڙ چيو ته پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 جي شق 26 اي ڄاڻ جي منتقلي، حاصل ڪرڻ کي غلط ۽ جعلي قرار ڏئي ڏوھه قرار ڏئي ٿي. درخواست ڏيندڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي ملڪ جي هر شهري کي مناسب حدن ۾ اظهار جي مڪمل آزادي جو حق ڏئي ٿو. هن چيو ته پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 جي قلم جي ۽ ايڇ ۾ تمام شڪي انداز ۾ غلط، جعلي ۽ غلط بياني جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان عدالت کي مطمئن ڪريو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي يا ناهي. عدالت پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025ع خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
20%
1.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون