- Advertisement -
جوڊيشل ڪميش جي اجلاس جي موقعي تي وڪيلن جي هڙتال کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي
ٽريفڪ پوليس ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهر جا داخلي ۽ خارجي رستا بند هوندا، شهري متبادل رستو اختيار ڪن
منير اي ملڪ چيو آهي ته اسان جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، هي عدليا رياست پاڪستان تي حملو آهي،
علي احمد ڪرد چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ وڪيل ايڪشن جي حوالي سان تحريڪ شروع ٿي رهي آهي، قد يا اقتدار جي ڪرسي کان انسان وڏو ناهي هوندو
هن چيو ته شرم اچڻ گهرجي انهن کي جن رات جو 2 وڳي 26 هين آئيني ترميم کي پاس ڪيو، اسان 26 هين آئيني ترميم کي نه ٿا مڃون، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي- Advertisement -
