- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ٻن هفتن اندر اٿاريل نقطن جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت درخواستگذار جي وڪيل علي طاهر کان پڇاڻو ڪيو هن قانون ۾ ڇا غلط نظر اچي ٿو؟
عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو غلط خبر پکيڙي ٿو ته ان کي سزا نه ملڻ گهرجي.
وڪيل بئرسٽر علي ظفر چيو ته ڪير فيصلو ڪندو ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط؟ اهو بنيادي سوال آهي.
چيف جسٽس شفيع صديقي چيو ته سڀ فيصلا عدالتن ۾ ته نه ٿيندا آهن، ڪجهه فيصلا اختيارين کي ڪرڻا پوندا آهن.
چيف جسٽس شفيع صديقي پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان کي اختيارين جي فيصلن خلاف اپيل ڪرڻ جو به حق آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهي بنيادي حقن جا فيصلا آهن جيڪي عدالت کي پاڻ ڪرڻ گهرجن.
جسٽس شفيع صديقي چيو ته جيڪڏهن هي بنيادي حقن جو مسئلو آهي ته ان کي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻ گهرجي.
وڪيل بئرسٽر علي طاهر چيو ته اٽڪ سيمينٽ ڪيس ۾، هن عدالت فيصلو ڏنو آهي ته باقاعده بينچ ڪنهن به قانون جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺي سگهن ٿيون.
چيف جسٽس شفيع صديقي چيو ته هو نوٽيس جاري ڪندا ۽ وڪيلن کي تيار ٿي پيش ٿيڻ جي اميد رکن ٿا.
عدالت وفاقي سرڪار ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.- Advertisement -
