- Advertisement -
ڪراچي پوليس گذريل هفتي دوران ڪيل ڪامياب ڪاررواين جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پوليس ترجمان موجب گذريل هفتي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 18 مقابلا ٿيا، جنهن دوران 21 ڏوهارين سميت 32 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب پوليس گذريل هفتي 600 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کان لکين رپين جي منشيات هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ 134 ڪلوگرام چرس سميت آئس، ڪرسٽل ۽ هيروئن شامل آهن.
پوليس ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 107 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته 25 موٽرسائيڪلون ۽ هڪ وڏي گاڏي ضبط پڻ ڪئي وئي.
پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
