- Advertisement -
نئين ديري ۾ گهران نڪري پسند جي شادي ڪندڙ باگڙي برادري جي ناريءَ جي وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
باگڙي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن باءِ پاس تي بابِ ذوالفقار وٽ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻڻ بعد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ناري جمنا جي والد سيون داس، لڇمڻ باگڙي، سرواڻ، خدن باگڙي، ڀڳوان داس، مائي ڀاڳي، شهزادي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جمنا کي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرائي زبردستي شادي ڪرائي وئي آهي، اغوا جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ناري واپس ڪرائي وڃي.
ٻئي طرف عدالت ۾ پاڙيسري نوجوان محمد عثمان سان پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري وڊيو بيان جاري ڪندي ٻڌايو ته هن مسلمان ٿي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي.- Advertisement -
