- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي سرپرستي هيٺ صوبي جي 30 ضلعن ۾ سنڌ پنڪ گيمز شروع ڪئي وئي آهي.
سنڌ پنڪ گيمز 2025 جو افتتاح راندين واري وزير محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ڪيو.
تقريب ۾ راندين جي ڊائريڪٽر امداد علي ابڙو ۽ ڪراچي جا سمورن ضلعي راندين جا آفيسر پڻ موجود هئا.
راندين واري وزير محمد بخش مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پنڪ گيمز عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ حوصلا افزائي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.
هن چيو ته انهن راندين ذريعي عورت رانديگرياڻين کي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ ۽ قومي سطح تي پنهنجو سڃاڻ ٺاهڻ جو موقعو ملندو.
سندس چوڻ هو ته اهڙو ايونٽ سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، سنڌ پنڪ گيمز سڄي سنڌ ۾ شروع ٿي ويون آهن، جيڪي 15 فيبروري تائين جاري رهنديون.
محمد بخش مهر چيو ته سنڌ پنڪ گيمز ۾ خاص ٻارن لاءِ رانديون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ خاص ٻارن جو ڪلب قائم ڪيو پيو وڃي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سڀني ضلعن مان 6 هزار کان وڌيڪ عورتون سنڌ پنڪ گيمز ۾ حصو وٺي رهيون آهن، سڀني ضلعن ۾ 15 مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا.
صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ پنڪ گيمز ۾ ايٿليٽڪس، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن، فٽبال، ڪرڪيٽ، هاڪي، مارشل آرٽس، ريسلنگ، رنگ بال، والي بال، باڪسنگ، ٿرو بال ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.- Advertisement -
