- Advertisement -
جڊيشل ڪميشن، سپريم ڪورٽ ۾ 6 جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا مان 2-2، بلوچستان مان هڪ جج مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي عارضي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان ۽ پشاور هائيڪورٽن جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏي وئي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق، سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي، بلوچستان هائيڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ، پشاور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم، پشاور هائيڪورٽ جي جج جسٽس شڪيل احمد ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب اسلام آباد هائيڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو عارضي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.
اجلاس دوران لاهور هائيڪورٽ جي ٻن ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ وارو معاملو ملتوي ڪيو ويو.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ علي ظفر به اجلاس جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي..- Advertisement -
