- Advertisement -
سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڪوششن سان ڪتي جي قبر ۽ حسن علي آفنديءَ جي قبر توڙي قبرستان کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي.
سنڌ ۾ وڌيڪ ٻه هيريٽيج سائٽن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي جي ترجمان چيو ته سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڪوششن سان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪتي جي قبر هيريٽيج سائٽ ۽ حيدرآباد ۾ حسن علي آفنديءَ جي قبر ۽ قبرستان کي به هيريٽيج قرار ڏنو ويو آهي.
ترجمان چيو ته سنڌ ڪلرچل هيريٽيج ايڊوائزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي سائٽن کي هيريٽيج قرار ڏنو ويو.
سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ موجود قديمي ۽ تاريخي ورثن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، قمبر شهدادڪوٽ جي عوام مطالبو هو ته ان سائٽ کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي.
هن چيو ته حسن علي آفندي رول ماڊل شخصيت آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ترڪيءَ جي ماهرن جي مدد سان حسن علي آفندي جي مزار تي ڪم شروع ڪيو ويدنو.
سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته، وڏو وزير تاريخي ۽ ثقافتي ورثن جي بحالي ۽ حفاظت لاءِ پاڻ به سرگرم آهي، بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته صوبي جي قديمي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻايو وڃي.- Advertisement -
