تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سوڀوديرو ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو ,هڪ ڄڻو قتل، 2 نوجوان زخمي

- Advertisement -
سوڀوديرو ويجهو هٿياربندن گهر تي حملو ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2 نوجوان زخمي ٿي پيا. ڳوٺ خاڪي ڀيلار ڀرسان 7 ھٿياربندن گهر تي حملو ڪري 40 ورهين جي اميرزادو رند کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس 2 نوجوان پٽ شھمير ۽ رشيد رند سخت زخمي ٿي پيا. مقتول جو لاش ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ اربيلي رند صحافين کي ٻڌايو ته هو جيڪب آباد جا رهواسي آهن، سندس ڀاءُ ٽي سال اڳ شھدادڪوٽ واسڻ سويرا ڌي شاھن چانڊيو سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن تان جوابدارن گذريل رات دير سان حملو ڪري سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو. هن الزام هنيو ته نصرالله چانڊيو، ھمت، امير، ضمير، عنايت، ظفر ۽ رحمان چانڊيو حملو ڪري ڀاءُ اميرزادو رند کي قتل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته حملي بابت ايس ايڇ او غلام شبير کھڙو کي اطلاع ڏنو ويو،  جنھن ڪابه مدد نه ڪئي ۽ نه ئي واقعي واري ھنڌ آيو، هنن پاڻمرادو مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو. اربيلو رند چيو ته ڀاءُ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا پر ليٽر نه ڏنو ويو، پوليس 9 ڪلاڪن بعد اسپتال پهتي. مقتول جي وارثن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته قاتل گرفتار ڪري پوليس جي نااھلي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون