- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته بجلي جي اگهن بابت منصوبو پيش ڪيو ته غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستاني قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو بهترين دوست ۽ بااعتماد ساٿي آهي، سعودي عرب جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته دبئي سمٽ ۾ فلسطين بابت پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ دنيا اڳيان پيش ڪيو، 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ نسل ڪشي رڪجڻ گهرجي، اميد آهي ته فلسطين ۾ امن قائم ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جو صدر پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي، سندس دور انتهائي اهميت جوڳو آهي، رجب طيب اردگان اسلامڪ دنيا جو بهترين ليڊر آهي، سندس دوري دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاهدن تي صحيحون ٿينديون.
هن چيو ته لبيا ٻيڙي حادثي تي افسوس آهي، حادثي ۾ ڪجهه پاڪستانين جون جانيون ويون آهن، انساني سمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، ڪاري ڪاروبار جو هميشه لاءِ خاتمو ٿيڻ ضروري آهي.
وزيراعظم چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف جي راضي نه ٿيڻ بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته بجلي جي اگهن بابت منصوبو پيش ڪيو ته غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستاني قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.
شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام ڏينهن رات ڪوششن جو نتيجو آهي، پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي، معاشي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي، سيڙپڪارن هاڪاري تجويزون ڏنيون آهن، ڪاروبار ۾ بهتري جي تجويزن تي عمل ڪيو ويندو.- Advertisement -
