- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل کي اسرائيلي جارحيت خلاف فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو.
منير اڪرم گڏيل قومن ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشي جي اولهه ڪناري تائين پکيڙي ڇڏيو آحي، اسرائيلي ناڪابندي سبب 90 سيڪڙو غزه جي آبادي بک جو شڪار آهي.
پاڪستان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وحشياڻي جنگ کي نه روڪيو ويو ته طاقتور ۽ جارح رياستن جي بدترين فطرت بي نقاب ٿي ويندي، گڏيل قومن جي چارٽر جا اهي اصول جن کي جارحيت ۽ جنگ کان بچاءَ لاءِ ترتيب ڏنو ويو هو اهي ختم ٿي ويندا، ۽ دنيا جهنم ۾ تبديل ٿي ويندي جتي صرف ڇڪتاڻ ۽ تباهيءَ جو راڄ هوندو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي، سفير منير اڪرم سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران غزه ۾ انساني صورتحال تي پاڪستان جو قومي بيان ڏيندي ڪندي اسرائيل جي تازي جارحيت،۽ غزه تي ٻيهر بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
سفير منير اڪرم چيو ته اسرائيل واضع طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو فلسطيني شهرين تي ٿيندڙن اثرن جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجي جارحيت جاري رکندو.
سفير منير اڪرم مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ فوجي ڪارروايون روڪڻ گھرجن ۽ هڪ مستقل جنگ بندي قائم ڪرڻ گھرجي.
هن مطالبو ڪيو ته 15 جنوري جي معاهدي کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو وڃي جنهن ۾ مغوين جي آزادي ۽ اسرائيلي فوج جو نڪرڻ شامل آهن جڏهن ته قطر، مصر ۽ امريڪا جهڙن ٽياڪڙن کي ان عمل ۾ مدد ڪرڻ گھرجي……- Advertisement -
