- Advertisement -
مديجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي، اڻڄاتل هٿياربندن روڊ تي رڪاوٽون وجهي واپارين کان ڦرلٽ ڪئي آهي.
ڊکڻ لنڪ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن شهدادڪوٽ کان سکر ويندڙ واپاري عاشق ڀرڳڙي، آفتاب شبير، غلام علي لغاري، مبشر ملڪ، منٺار ڀرڳڙي، محمد زبير ملڪ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو.
متاثرن واردات واري هنڌ ميڊيا کي ٻڌايو ته ست هٿياربندن کين روڪي 70 هزار رپيا روڪ، 5 موبائل فونز ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري مٿن تشدد ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن.
هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
