تازه ترين

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو ،12 نڪاتي ايجنڊا تي غور

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح يارهين وڳي ٿيندو جنهن ۾ 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. ايجنڊا موجب، ڪابينا پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري ۽ هيوي انڊسٽريز ٽيڪسيلا بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي. عالمي تڪرارن جي حل لاءِ ڪنوينشن تي صحيح جي منظوري به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن بابت گهرو وزارت جي سمري جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطه ڪميٽي طرفان 13 ۽ 21 مارچ تي ٿيندڙ اجلاسن جي فيصلن جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي. خيال رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس گذريل ڏينهن ٿيڻو هو جيڪو ملتوي ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون