- Advertisement -
دوڙ ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ۾ گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 14 ورهين جو نينگر زخمي ٿي پيو.
اسٽار ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ممتاز علي بروهي جي گهر ۾ گھڙي فائرنگ ڪئي.
فائرنگ دوران ٽي گوليون لڳڻ سبب 14 ورهين جو حامد علي پٽ واحد بخش بروهي زخمي ٿي پيو.
زخمي نينگر کي دوڙ اسپتال آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ زخمي نينگر جي مامي ممتاز علي بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻيجو سندن ئي گهر ۾ ئي ستل هو، ڪجهه اڻڄاتل هٿياربندن گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪئي.
ٻئي پاسي ايس ايڇ او دوڙ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي رابطو نه ٿي سگهيو.- Advertisement -
