تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي  جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري آهن : سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هٿياربند فوج طرفان ڀارت کي ڏنل شڪست جي جشن کي سموري قوم شاندار نموني ملهائي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي جنگين جو مشاهدو رڳو پراڻن نسلن ڪيو هو، موجوده  نسل پهريون ڀيرو هوائي، بري ۽ سامونڊي فوجن کي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي ڏٺو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي  جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري آهن، جن ۾ راندين جا مقابلا، عورتن جي واڪ، ميوزيڪل شوز، آتشبازي ۽ ٻيون رنگا رنگ تقريبون شامل آهن. هن چيو ته مزارِ قائد تي وڏي وزير، ڪابينا ميمبرن ۽ اسپيشل ٻارن سان گڏ تقريب ڪوٺائي وئي، 11 آگسٽ تي اقليتن لاءِ خاص ڏينهن طور آزاديءَ جا پروگرام ڪوٺايا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ سنڌ حڪوتم ۽ عارف حبيب جي سهڪار سان شاندار ميوزيڪل پروگرام ٿيندو، جڏهن ته تيرهن آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو شو ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جا مشهور فنڪار ۽سيليبرٽيز شريڪ ٿيندا. سينيئر صوبائي وزير چيو ته سي وي تي ڊونگي ريس ۽ بوٽس ريس جهڙا منفرد ايونٽ به ٿيندا،  عوام کي اپيل آهي ته سکر، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ٿيندڙ شوز ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به پارلياماني وفد سان گڏ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
31 %
3.2kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون