بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 13 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز طرفان بلوچستان جي ٻن علائقن ۾ ٻه ڌار ڌار آپريشن ڪيا ويا.
آپريشن دوران تيرهن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو، سندس تعلق ڀارتي پراڪسي تنظيمن فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب پهرين ڪارروائي ڪوئيٽا ۾ 30 سيپٽمبر تي ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، پهرين آڪٽوبر تي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي ٿاڪ تي ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ٻنهي آپريشنن ۾ وڏي مقدار ۾هٿيار، بارود ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ماريل دهشتگرد دهشگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ ملوث هئا………………