تازه ترين

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ جون خبرون ٻڌيون آهن، اسرائيل کان واپسي تي ان معاملي کي ڏسڻو پوندو : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ٻڌو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي. صد ر ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا کان اسرائيل ويندي ايئرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو ان معاملي کي واپس اچي ڏسندو. صدر ٽرمپ چيو ته هو جنگيون ختم ڪرائڻ جو ماهر آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ به ٽيرف جي مدد سان روڪي هئي. ٽرمپ چيو ته هي ان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته ان لکين انساني جانيون بچايون. غزه جنگ بندي بابت ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته غزه جنگ ختم ٿي وئي آهي ۽ هي جنگ بندي برقرار رهندي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته غزه لاءِ بورڊ آف پيس جلد قائم ڪيو ويندو. امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته يرغمالين جي آزادي مقرر وقت کان اڳ ممڪن آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون