تازه ترين

پاڪ – افغان ڳالهين دوران پاڪستان طالبان وفد آڏو  قطعي موقف پيش ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪ – افغان ڳالهين دوران پاڪستان طالبان وفد آڏو  قطعي موقف پيش ڪري ڇڏيو، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته  پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته  افغان طالبان طرفان دهشتگردن جي ڪيل سرپرستي منظور ناهي. ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد افغان طالبان آڏو قطعي موقف پيش ڪيو. سڪيورٽي ذريعن موجب  پاڪستان واضح ڪيو ته افغان طالبان طرفان دهشتگردن جي سرپرستي قبول ناهي. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني وفد اِهو به واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتا ۽ يقيني قدم کڻڻا پوندا، ان جي ابتڙ طالبان جا دليل زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني وفد چيو ته نظر اچي رهيو آهي ته طالبان ڪنهن ٻي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، اها ايجنڊا افغانستان، پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام جي مفاد ۾ نه آهي. ذريعن موجب ڳالهين ۾ وڌيڪ اڳڀرائي افغان طالبان جي هاڪاري رويي تي ڀاڙي ٿي. ان کان اڳ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغان طالبان کي جامع روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو، ڌرين جنگبندي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب، پاڪ افغان سرحد تي افغانستان اندر دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن جا تفصيل پاڪستان فراهم ڪيا، انهن محفوظ ٿاڪن جا وڊيو به افغان طالبان کي ڏيکاريا ويا…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون