تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پيغام

- Advertisement -
صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پاڪستان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ممڪن ناهي، گڏيل قومن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ڪشميري عوام جي حق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري عالمي برادري خاص طور گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن واري تنظيمن تي زور ڀريو ته اهي ڀارت کي والايل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم ڀڃڪڙين تي جوابده بڻائڻ. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن واري تنظيمون ڀارتي ظلمن کي فوري بند ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن ۽ هن پراڻي تڪرار جي پرامن حل لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ڪشميري عوام جي حق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، 27آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سري نگر ۾ داخل ٿي عالمي قانون، اخلاقي اصولن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان ڏينهن کان جديد تاريخ جو هڪ ڪارو ترين باب شروع ٿيو. آصف علي زرداري چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي، جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ٿيڻ گهرجي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين ڄمون ڪشمير تڪرار جو پرامن حل، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب نه ڪڍيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هر سال 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ جي ڪاري ترين ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو، اڄ کان 78 سال اڳ هن ڏينهن ڀارت جي قابض فوج سرينگر ۾ لهي هئي ۽ قبضو ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته هي انساني تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي جيڪو اڄ به جاري آهي، ان ڏينهن کانپوءِ ڀارت مسلسل ڪشميري عوام کي سندن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۾ مڃيل حق خوداراديت کان محروم رکيو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان هميشه غيرقانوني قدمن جي مذمت ڪئي آهي، جيڪي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن، پاڪستان جو والاريل ڪشمير بابت موقف واضح آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون