ن ليگ جو 27هين آئيني ترميم بابت حمايت لاءِ پ پ سان رابطو

- Advertisement -
مسلم ليگ نون 27هين آئيني ترميم لاءِ پيپلزپارٽي کان مدد گهري ورتي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ نون جو وفد صدر آصف علي زرداري ۽ هن سان ملاقات لاءِ آيو هو، مسلم ليگ نون جي وفد 27 هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت گهري. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ستاويهين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ، ايگزيڪٽو مئجسٽريٽس جي بحالي ۽ ججن جي بدلي جا اختيار شامل آهن. سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبائي حصي جي تحفظ جو خاتمو ۽ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جا نقطا به شامل آهن. پ پ چيئرمين چيو ته آئيني ترميم ۾ تعليم ۽ آبادي جي منصوبابندي جا اختيار وفاق کي واپس ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي هلندڙ رنڊڪ جو خاتمو شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي صدر آصف علي زرداري جي دوحا کان واپسي تي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن پارٽي پاليسي جو فيصلو ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.5 ° C
31.5 °
31.5 °
13%
2.5m/s
5%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون