- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد سان ايندڙ ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي سعودي ولي عهد سان ٿيندڙ ملاقات رڳو ملاقات نه پر ان کان وڌيڪ هوندي، سعودي عرب ڪيترائي جهاز خريد ڪرڻ چاهي ٿو، ايف 35 ۽ ٻين ويڙهاڪ جهازن جي خريداري جو خواهشمند آهي، اميد آهي ته سعودي عرب جلد ابراهيمي معاهدي تي به ڳالهين جو حصو هوندو.
ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايندڙ هفتي سعودي ولي عهد سان ٿيندڙ ملاقات رڳو ملاقات نه پر ان کان وڌيڪ هوندي.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب ڪيترائي جهاز خريد ڪرڻ چاهي ٿو، ايف 35 ۽ ٻين ويڙهاڪ جهازن جي خريداري جو خواهشمند آهي.
آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا دنيا جي بهترين جهاز ۽ بهترين ميزائل ٺاهيندو آهي، اميد آهي ته سعودي عرب جلد ابراهيمي معاهدي تي به ڳالهين جو حصو هوندو، اميد ته سعودي عرب جلد ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي ويندو.- Advertisement -
