- Advertisement -
صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته صوبن کي رنڊڪون قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ورهاڱي بابت بيان غيرسنجيده، چڙ ڏياريندڙ ۽ عوام جي خواهشن جي ابتڙ آهن.
هن چيو ته 18هين ترميم وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي فيصلو آهي.
اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته 18هين ترميم عوام جي بنيادي حقن جو آئيني تحفظ آهي، ان کي ختم ڪرڻ عوام دشمني آهي.
سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم نه رڳو صوبن کي مضبوط ڪيو آهي پر وفاقي ڍانچي کي به مستحڪم ڪيو آهي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي نفرت، ورهاڱي ۽ تڪرار تي ٻڌل سياست ان کي وڌيڪ محدود ڪري ڇڏيندي.
اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته عوام هاڻي اهڙي سياست کي رد ڪري چڪو آهي، ماڻهن هاڻي ڪارڪردگي ۽ خدمت کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اسماعيل راهو مصطفيٰ ڪمال کان سوال ڪندي چيو ته اهو وفاقي وزير آهي ۽ حڪومت جو حصو آهي پهريان اهو ٻڌائي ته سنڌ جي عوام لاءِ هن ڪهڙا منصوبا آندا آهن؟.- Advertisement -
