- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون 17 ۽ 18 نومبر دوران ٿيون، جنهن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۽ ذاڪر خيل ۾ به ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب اسپين وام ۽ ذاڪر خيل ۾ ڪيل ڪاررواين دوران 2 دهشتگرد دوزخ ڀيڙا ٿي ويا، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترنئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
- Advertisement -
