آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي مسئلي تي ضرورت پوڻ تي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ کان پاسو نھ ڪندو :وائيٽ هائوس

spot_img
وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي مسئلي تي ضرورت پوڻ تي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ کان پاسو نھ ڪندو. فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيرولين ليوٽ چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ هميشه سفارتڪاري کي ترجيح ڏني آهي، پر جيڪڏهن هو ضروري سمجهي ٿو ته هو فوجي طاقت استعمال ڪرڻ کان نه ڊڄندو، ايراني حڪومت ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، صدر ٽرمپ اڳتي ڪهڙا قدم کڻندو، ان جي ڄاڻ صرف آمريڪي صدر کي ئي آھي. ڪيرولين ليوٽ جو چوڻ ھو تھ ايراني حڪومت پاران عوام ۾ ۽ خانگي طور تي ڏنل پيغامن ۾ واضح ٽڪراءَ آهي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ ايراني حڪومت عوام ۾ مختلف موقف اختيار ڪري ٿي، جڏهن ته خانگي طور تي اها آمريڪا ۽ ٽرمپ انتظاميه کي مختلف پيغام موڪلي رهي آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون