- Advertisement -
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي حڪومت جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي قوم کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
ايراني سپريم ليڊر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حڪومت جي حمايت ۾ عظيم جلسن پرڏيهي دشمنن جي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي.
آيت الله خامنه اي چيو ته پرڏيهي دشمنن جي سازشن تي گهرو ڀاڙي جي ايجنٽن ذريعي عمل ڪرائڻو ھو پر عظيم ايراني قوم دشمنن خلاف پنهنجي ارادي ۽ سڃاڻپ جو مڪمل اظهار ڪيو، مظاهرا آمريڪي سياستدانن کي خبردار ڪرڻ لاءِ آهن.
ايراني سپريم ليڊر خامنه اي چيو ته آمريڪا کي پنهنجي دوکي وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ايجنٽن تي ڀروسو ڪرڻ بند ڪرڻ کپي، ايراني قوم مضبوط، طاقتور، باشعور ۽ خبردار آھي، دشمن کي سڃاڻي ٿي، ايراني قوم هميشه دشمن خلاف ميدان ۾ موجود آهي.- Advertisement -
