تازه ترين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 12مئي سانحي جي شهيدن جون قربانيون هڪ ڏکوئيندڙ لازوال ياد آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهيدن جون قربانيون جمهوريت، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ادا ڪيل قيمت جي ياد ڏيارين ٿيون. سندس چوڻ هو ته 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ قيمتي معصوم انساني جانين کي نفرت ۽ تشدد جي ور چاڙهيو ويو. هن جو چوڻ حو ته اڄوڪي ڏينهن جيالن، ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي ماڻهن جرئت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين ان ڏينهن خوف ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جي هڪ لازوال علامت بڻجي ويا. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪراچي جي گهٽين ۾ وهندڙ رت رڳو هڪ سانحو نه هو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي جي روڊن تي وهندڙ رت  جمهوريت، انصاف ۽ قانوني جي حڪمراني لاءِ عوام جي مضبوط عزم جي شاهدي بڻجي ويو. هن جو چوڻ جو ته قومون پنهنجا زخمي وساري نه بلڪ انهن کي سچائي ۽ وقار سان گڏ ياد رکي شفا حاصل ڪنديون آهن. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي پرامن، جمهوري ۽ روادار پاڪستان لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هڪ اهڙو پاڪستان جتي ڪنهن شهري جو آواز تشدد سان خاموش نه ڪرائي سگهجي ۽ ڪوبه شهر خوف هٿان يرغمال نه ٿئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
10 %
6.3kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون