تازه ترين
Home Blog Page 1283

قومي اسيمبليءَ اڄ وڌيڪ اٺ بل منظور ڪري ورتا

0

قومي اسيمبليءَ اڄ وڌيڪ اٺ بل منظور ڪري ورتا، ميمبرن هٿيارن جو لائسنس نه ٺهڻ تي احتجاج طور گهرو وزارت جو بل ملتوي ڪرائي ڇڏيو، يونيورسٽيون قائم ٿيڻ بابت بل جي منظوري خلاف جماعت اسلامي ميمبر عبدالاڪبر چتراليءَ احتجاج ڪيو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيرن جي غير حاضري تي جماعت اسلامي جي  ميمبر عبدالاڪبر چتراليءَ احتجاج ڪيو، وزير نه هجڻ سبب سوالن جوابن وارو سيشن ملتوي ڪيو ويو.

حنا رباني کر نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ اينڊ ڪائونٽر فنائننسنگ آف ٽيررازم اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل پيش ڪيو، جنهن جي اتفاقِ راءِ سان منظوري ڏني وئي.

حنار باني کر چيو ته مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي فنانسنگ روڪڻ وارا معاملا اٿارٽي تحت آندا ويندا.

اجلاس دوران صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي تحفظ وارو ترميمي بل ۽ پريس، اخبارن، نيوز ايجنسي ۽ ڪتب رجسٽريشن ترميمي بل به اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيا ويا.

قومي اسيمبليءَ پاڪستان سول ايوي ايشن بل 2023 جي منظوري ڏني، بل وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسيءَ پيش ڪيو.

ايوان نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن اين ايل سي قائم ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو، مرتضيٰ جاويد عباسيءَ فيڊرل پروسيڪيوشن سروس بل 2023ع پيش ڪيو، جنهن تي عبدالاڪبر چتراليءَ چيو ته ميمبرن جي هٿيارن جا لائسنس نه پيا ٺهن، گهرو وزارت جي قانونسازي ملتوي نه ڪئي ته هو ڪورم ۾ نشاندهي ڪندو.

راجا پرويز اشرف چيو ته اسيمبلي جو مدو مڪمل ٿيڻ وارو آهي ميمبرن جي هٿيارن جي  لائسنس وارين درخواستن تي فوري طور عمل ڪيو وڃي.

قومي اسيمبلي گن ڪنٽري ڪلب بل 2023ع منظور ڪري ورتو، يونيورسٽيون قائم ڪرڻ واري بل جي منظوري تي جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چتراليءَ احتجاج ڪندي چيو ته يونيورسٽين بابت قانونسازي تي ميڊيا ۽ عوام  طرفان تنقيد ڪئي پئي وڃي ته پيسا وٺي بل منظور ڪرايا پيا وڃن.

ايوان انسٽيٽيوٽ آف گجرات قائم ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو. عبدالاڪبر چتراليءَ طرفان ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سکر ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سگرار واسڻ ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي

0
سکر ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سگرار واسڻ ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ناياب سرڪش، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 سال گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هنن چيو ته ايس ايس پي سکر 10 محرم الحرام تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جيڪا پوري نه ٿي سگهي. سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري جي امڙ جي جهولي اڄ به خالي آهي ۽ سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

نيب جي نئين قانون کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي به وڏو رليف ملي ويو

0
نيب جي نئين قانون کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي به وڏو رليف ملي ويو،  اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، عدالت جو چوڻ آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ کانپوءِ ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڪيس احتساب عدالت اسلام آباد کان ڪراچي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ منتقل ڪيو. مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف ڪيس اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪراچي کي منتقل ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير حڪم جاري ڪيا. احتساب عدالت چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ کانپوءِ ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين عدالتي دائره اختيار کي چئلينج ڪيو هو.

ميهڙ ۾ بدامني خلاف شهرين سميت مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو

0
ميهڙ ۾ بدامني خلاف شهرين سميت مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شهري اتحاد، قومي عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين سياسي سماجي توڙي مذهبي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي نااهلي سبب چوري ۽ ڦرلٽ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، علائقي واسي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن. هنن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ڪوٽڙي ۾ ڪوهستان راڄوڻي اتحاد طرفان ڳوٺ صوفن جاکرو تي قبضي، پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

0
ڪوٽڙي ۾ ڪوهستان راڄوڻي اتحاد طرفان ڳوٺ صوفن جاکرو تي قبضي، پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪوهستان راڄوڻي اتحاد اڳواڻ محمد بخش بروهي، جانو جاکرو ۽ ٻين سيشن ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوفن جاکرو تي بااثر شير محمد مشوري پوليس معرفت قبضو ڪيو آهي. هنن چيو ته ڳوٺاڻن تي حملو ڪري زخمي ڪرڻ جو ڪيس به داخل نٿو ڪيو وڃي، لوڻي ڪوٽ پوليس ڳوٺاڻن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڏني آهي. سندن چوڻ هو ته روينيو معاملن ۾ پوليس مداخلت ڪري رهي آهي جيڪا بند ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ صوفن جاکرو جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي بااثر ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سنڌ جي کاتي خانگي اسڪولن جي شاگردن جي آدمشاري واري سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

0
سنڌ جي کاتي خانگي اسڪولن جي شاگردن جي آدمشاري واري سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سروي رپورٽ موجب خانگي اسڪولن ۾ 39 لک 41 هزار 938 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سروي رپورٽ موجب خانگي اسڪولن ۾ 18 لک 4 هزار 333 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

0
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ عوام جو دفاع ڪندي، فوج کي ڪنهن به غير آئيني قدم کان روڪيو ويندو، 9 مئي تي سنگين واقعا ٿيا، ڀت ڀڃي فوجي ٿاڪن تي حملو ڪيو ويو، شهرين مٿان گوليون نه هلائڻ تي فوج جي تعريف ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۽ عدالت تي ڏکيو وقت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته پارليامينٽ ۾ نئون قانون منظور ٿيو آهي، ڳجها ادارا ڪنهن به وقت ڪنهن جي به جهڙتي وٺي سگهن ٿا، انٽيليجنس ايجنسين کي بنا وارنٽ جي جهڙتي جو حق قانون سازي ذريعي ڏنو ويو، هن قانون سان ته لامحدود اختيار ڏنا ويا آهن. اعتزاز احسن چيو ته هتي سپريم ڪورٽ جا 6 جج ويٺا آهن، هن وقت سپريم ڪورٽ جي 6 ججن جي حيثيت فل ڪورٽ جهڙي آهي، سپريم ڪورٽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي. چيف جسٽس اعتزاز احسن کان پڇاڻو ڪيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بل آهي يا قانون؟، بل پارليامينٽ جي ٻئي ايوان ۾ بحث هيٺ آهي، ڏسون پارليامينٽ جو ٻيو ايوان ڇا ٿو ڪري، ان بابت کين گهڻي خبر ناهي، رڳو اخبار ۾ پڙهيو آهي، لارجر بينچ جو فيصلو آهي ته اڪيلو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس نٿو وٺي سگهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هو آئين ۽ عوام جو دفاع ڪندا، فوج کي ڪنهن به غير آئيني ڪارروائي کان روڪيندا، 9 مئي تي انتهائي سنگين واقعا پيش آيا. هن چيو ته ميانوالي ۾ ڀت ڀڃي فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا، فوج جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ته هن شهرين تي فائرنگ نه ڪئي، هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪ فوج شهرين تي گوليون هلائي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اعتزاز احسن جڏهن چيو ته مظاهرين کي گوليون ڇو نه هلايون ويون، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پاڪ فوج، عوام ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ آهي، پاڪ فوج گوليون نه هلائي سٺو قدم کنيو. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته هو آئين ۽ عوام جو دفاع ڪندا، فوج کي ڪنهن به غير آئيني عمل کان روڪيندا، هٿياربند فوج کي غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته عدالت کي ٽرائل بابت يقين فوج جي اعليٰ قيادت پاران ڏياريو ويو آهي، عدالت کي جيڪو يقين ڏياريو ويو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسا جي درخواست تي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هڪ ساٿي کي پنهنجي انٽر ذاتي سببن ڪري هڪ مهيني لاءِ موڪل تي وڃڻو آهي، ملڪ ۽ عدالت تي ڏکيو وقت آهي. سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

قومي اسيمبلي مان سول ايوي ايشن بل 2023ع منظور

0
قومي اسيمبلي مان سول ايوي ايشن بل 2023ع منظور  ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن بل 2023ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي مان اينٽي مني لانڊرنگ اينڊ ڪائونٽر فائناننسگ آف ٽيررزم اٿارٽي جي قيام جو بل به منظور ڪري ورتو آهي. قومي اسمبلي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن،جاويد لطيف

0
وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن، مسلم ليگ نون هڪ ڏينهن به عام چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خواهشمند ناهي، چونڊون وقت تي نه ٿيڻ سان ملڪي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مقرر وقت تي عام چونڊون ئي ملڪي مفاد ۾ آهن، عالمي طاقتن کي پاڪستان جي ترقي پسند ناهي، قوم کي ايندڙ عام چونڊن ۾ نواز شريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته مسلم ليگ نون سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، 2013ع کان 2018ع تائين ن ليگ معيشيت کي مضبوط ڪيو. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، عالمي طاقتن کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام پسند ناهي. وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته توشاخانه ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين هٿ ڇو نه وڌو ويو؟، آئين ۽ قانون تحت ملڪ کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته نئين آدمشماري تي عام چونڊون ممڪن ئي نه آهن، مسلم ليگ نون هڪ ڏينهن به عام چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خواهشمند ناهي. وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته چونڊون وقت تي نه ٿيڻ سان ملڪي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مقرر وقت تي عام چونڊون ئي ملڪي مفاد ۾ آهن، قوم کي ايندڙ عام چونڊن ۾ نواز شريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن.

اليڪشن ڪميشن 23 پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا

0
اليڪشن ڪميشن 23 پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي تلوار جو نشان ڏنو ويو ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي ”شاهين“ جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي جهرڪي چونڊ نشان تجويز ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي صدارت هيٺ 4 رڪني ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي کي تلوار جو نشان ڏئي ڇڏيو جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي شاهين جو نشان الاٽ ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي کي جهرڪي جو چونڊ نشان تجويز ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي چونڊ نشان جي درخواست تي فيصلو روڪي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي شاهين جو نشان گهريو جيڪو اڳ ئي آل پاڪستان مسلم ليگ وٽ آهي. اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي کي شاهين جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن اڃا دير جو شڪار آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪري. اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي ڪتاب، پيپلز مسلم ليگ کي ڪوپ، رابطا جمعيت اسلام کي مـُنڊِي، ڪسان اتحاد کي بالٽي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي چنڊ ۽ پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي جو نشان الاٽ ڪيو. پاڪستان تحريڪ انسانيت کي چاقو، پاڪستان امن تحريڪ کي ميزائل، تحريڪ تحفظ پاڪستان کي پستول، پاڪستان پيپلز پارٽي ڀٽو شهيد کي وڪٽري، پاڪستان فلاحي تحريڪ کي واسڪٽ، جي يو آءِ نظرياتي کي تختي، جديد عوامي پارٽي کي هيلمٽ ۽ تحريڪ عوامي پاڪستان کي ٽيليفون جو نشان الاٽ ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن آل پاڪستان مسلم ليگ جي شاهين جي نشاني کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو جنهن تي پارٽي 40 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.
Exit mobile version