تازه ترين
Home Blog Page 1284

غوثپور ويجهو کرڙو شاخ کي 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

0
غوثپور ويجهو کرڙو شاخ کي 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. مڇي ٻنڍو وٽ کرڙو شاخ کي ويھه فوٽ گهارو پئجي ويو. گهاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو  جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب کرڙو شاخ کي گهارو پيو آهي جنهن سبب سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نااهل آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او ۽ انجنيئر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وزيراعظم شهباز شريف طرفان سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

0
وزيراعظم شهباز شريف طرفان سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس چوڻ آهي ته چين پاڪستان سهڪار کي نين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ چيني صدر جا جيترا ٿورا مڃيا وڃن گهٽ آهن،  سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ  وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪيو ويندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني صدر طرفان پاڪستان جي حمايت ۾ بيان تي هو سندس ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته بيلٽ اينڊ روڊ سهڪار منصوبو عوامي ڀلائي بابت چيني صدر جي عزم جو ثبوت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ چيني صدر جا جيترا ٿورا مڃيا وڃن گهٽ آهن. هن چيو ته سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ سماجي توڙي اقتصادي شعبن ۾ اهم سنگ ميل عبور ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ شروع ڪيل بي آر آءِ فليگ شپ منصوبو حقيقت بڻجي چڪو آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

نوابشاهه پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پورهيت جي وارثن سان جي ڊبليو سي جي وفد ملاقات

0
نوابشاهه پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پورهيت جي وارثن سان جي ڊبليو سي جي وفد ملاقات ڪئي آهي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذولفقار خاصخيلي جي پورهيت عطا محمد ڪيريو جي وارثن سان تعذيت ڪئي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذولفقار خاصخيلي چيو آهي ته پوليس پورهيت عطا محمد ڪيريوکي بيگناهه قتل ڪيو آهي، وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي…    

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين اعجاز بٽ لاڏاڻو ڪري ويو

0
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين اعجاز بٽ 85 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. اعجاز بٽ جي ناٺي عارف سعيد تصديق ڪندي چيو ته اعجاز بٽ جي عمر 85 ورهيه هئي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان بيمار هو. عارف سعيد چيو ته اعجاز بٽ 8 ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ هو 2008ع کان 2011ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اعجاز بٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. پي سي بي ترجمان موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار به ڪيو ويو.

ملير ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پاران وزن ڪندڙ ڪانٽي انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

0
ملير ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پاران وزن ڪندڙ ڪانٽي انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ٽرڪ ڊرائيورن پاران گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته لنڪ روڊ قائم وزن جي ڪانٽي تي ڊرائيورن کان زبردستي ڀتو اوڳاڙيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. هنن چيو ته ڀتو ڏيڻ کان انڪار تي ڊرائيور سان بداخلاقي ۽ تشدد ڪيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪانٽي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

خيرپور واسي ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو چار مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو

0
خيرپور واسي ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو چار مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، ڌاڙيلن طرفان 10 آگسٽ تائين ڀنگ نه ڏيڻ تي مغوي جو لاش ڏيڻ واري ڌمڪي بعد وارث سخت پريشان آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته چار مهينا اڳ ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا. هنن چيو ته چار مهينا گذرڻ باوجود پوليس مغوي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. سندس چوڻ هو ته ڌاڙيل مغوي جي بازيابيءَ لاءِ 30 لک رپيا گهري رهيا آهن نه ڏيڻ جي صورت ۾ 10 آگسٽ تي علي ڏنو کي ماري لاش ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته علي ڏنو جوڻيجو کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج

0
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ليبر يونين پاران مهانگائي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ بدامني خلاف روشن علي جاگيراڻي، ظفر شاهه، مظهر علي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ کان رڪشن تي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. گهوٽڪيءَ ۾ وڪيلن طرفان مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عبدالزاق مهر، مشتاق عباسي، لعل بخش ٽڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. شهدادپور ۾ عوامي تحريڪ پاران مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف رفيق جکرو، عالم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 20 رپيا في لٽر تائين واڌ ڪري مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، عوام سخت پريشان آهي پر حڪمرانن جون عياشيون ختم نٿيون ٿين جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي ٿيل آهي، موجوده مهانگائي جي لهر تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، شهباز شريف

0
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن،  نواز شريف جي حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو، سازش نه ڪئي وڃي ها ته ڪيترائي منصوبا پهريون مڪمل ٿي وڃن ها،   پنهنجي سياسي زندگي ۾ سندس ڪيترن ئي فوجي سربراهن سان ملاقات ٿي آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير وڏي ڪمٽنمينٽ جو مظاهرو ڪيو،  ايل سيز  کلڻ سان ملڪ ۾ اليڪٽرڪ بسون اچي ويون آهن. اسلام آباد ۾ باره ڪهو باءِ پاس جو افتتاح ۽ سرينا چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف باره ڪهو باءِ پاس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي ملڪ مان ايندڙ سياحن لاءِ باره ڪهو مان گذرڻ تمام گهڻو ڏکيو هو ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول جي ڳالهه هئي، باره ڪهو منصوبو گهڻو اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته باره ڪهو باءِ پاس لاءِ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو، عوام لاءِ رستو ٺاهڻ وڏي عبادت آهي، ملڪي ترقي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته باره ڪهو باءِ پاس منصوبي کي 9 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو، منصوبي سان سياحن جو وقت بچندو، سازش نه ٿئي ها ته اهو  منصوبو نواز شريف جي دور ۾ مڪمل ٿئي ها، عوام جي ڀلائي جو عظيم مقصد سامهون هجي ته الله تعاليٰ مدد ڪندو آهي. هن چيو ته باره ڪهو باءِ پاس منصوبي ۾ آرمي چيف مڪمل سهڪار ڪيو، خواهش آهي ته سياستدان ۽ ادارا گڏجي ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻن، موجوده سپر سالار ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هميشه فڪرمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته طعنا ڏنا ويا ته هو اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهي پر کيس ڪوبه فرق نٿو پئي جڏهن ته ذاتي مفاد لاءِ ڪڏهن فوجي سربراهن سان ملاقاتون نه ڪيو، مقصد رڳو هڪ هو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃن.   ..  

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت ويندي يا نه، اڄ اهم فيصلي جو امڪان

0
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت ويندي يا نه، اڄ اهم فيصلي جو امڪان، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت تفصيلي غور ڪيو ويندو

سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ اڃا ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي : مراد علي شاهه

0
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ اڃا ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي، اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر ڪنهن نالي تي اتفاق ٿيڻ جو امڪان آهي، وفاقي سرڪار سان ٽن اسپتالن جي منتقلي بابت معاهدو ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار ايڊوانس ۾ ٽن مهينن جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، ٽن مهينن کانپوءِ واپس اچي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪيو ويندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ڪيترائي ڪم ڪري رهيا آهن، اعظم بستي ۾ زيبسٽ يونيورسٽي سان گڏ ٽيڪنيڪل اسڪول شروع ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪم رڳو تنقيد ڪرڻ هوندو آهي، کين ڪم ڪرڻ وارا گهرجن، هو ٽن مهينن جو ڪم ايڊوائنس ۾ ڪري وڃي رهيا آهن، ٽن مهينن بعد واپس اچي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار سان ٽن اسپتالن جي منتقلي بابت معاهدو ٿي ويو آهي، هلندڙ هفتي جناح، ڪارڊيو ۽ اين آءِ سي ايڇ صوبي وٽ اچي ويندا. هن چيو ته هن وقت تائين سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ ڪوبه نالو فائنل ناهي ٿيو، هو نگران سيٽ اپ لاءِ پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ به نگران سيٽ اپ لاءِ اپوزيشن سان صلاح مشورا ڪري، اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر ڪنهن نالي تي اتفاق ٿيڻ جو امڪان آهي.
Exit mobile version