سعودي عرب يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهين جي ميزباني ڪندو
پرڏيهي ميڊيا موجب، سينيئر يوڪرين جي اختيارين ٻڌايو ته سعودي عرب هڪ سمٽ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن ۾ يوڪرين جي صدر ولادمير زيلنڪسي ملڪ ۾ امن لاءِ منصوبي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو.
يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف آندري يرميڪ چيو ته سعودي عرب ۾ ٿيڻ واري ان سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون .
ميڊيا جي رپورٽس موجب، يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف جي طرفان سمٽ جي تاريخ ۽ شهر جي باري ۾ ڪي به تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ امريڪي اخبار اسٽريٽ جنرل يوڪرين جي معاملي تي سفارتڪارن جي سمٽ جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهه ٻولهه 5 ۽ 6 آگسٽ تي جده ۾ ٿيندي جنهن ۾ 30 ملڪ شرڪت ڪندا.
امريڪي اخبار لکيو هو ته يوڪرين ۽ اولهه جي اختيارين کي اميد آهي ته اهي قدم پيس سمٽ کي ڪامياب بڻائي سگهن ٿا.
يوڪرين امن فارمولي جي لاءِ 10 نقطا به پيش ڪيا هئا جنهن ۾ يوڪرين جي زميني خودمختياري جي بحالي، روسي فوجين جي دستبرداري ۽ سمورين قيدين جي آزادي به شامل هئي.
سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2500 رپين جي لاٿ
سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2500 رپين جي لاٿ اچي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به سون سستو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2500 روپين جي لاٿ کانپوءِ 2لک 22هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو ملهه 2143 رپيا واڌ سان هڪ لک 90هزار 501 رپيا آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئشن جي انگ اکرن موجب عالمي بازار ۾ سون جو ملهه 16 ڊالرز جي گهٽتائي سان 1959 ڊالر في اونس آهي.
يقين آهي ملڪ جي معيشيت تمام جلد مستحڪم ٿيندي : اسحاق ڊار
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته يقين آهي ملڪ جي معيشيت تمام جلد مستحڪم ٿيندي، نواز شريف چيني قيادت سان گڏجي سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو، ڏکي صورتحال ۾ چين پاڪستان جي مالي مدد ڪئي، پاڪستان جي معشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي، پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو، ون روڊ ون بيلٽ پراجيڪٽ معاشي مستقبل جو ضامن آهي.
بينڪ آف چائنه اسلام آباد برانچ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته بينڪ آف چائنا ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار جاري رهندو، نواز شريف چيني قيادت سان گڏجي سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڏکي صورتحال ۾ چين پاڪستان جي مالي مدد ڪئي، سندس گذريل دور ۾ پاڪستان 24هين وڏي معيشيت بڻجي چڪو هو.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته يقين آهي ملڪ جي معيشيت تمام جلد مستحڪم ٿيندي، پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو.
هن چيو ته پاڪستان جي معشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ون روڊ ون بيلٽ پراجيڪٽ معاشي مستقبل جو ضامن آهي
وزيراعظم ۽ چيني نائب وزيراعظم ۾ ملاقات
وزيراعظم شهباز شريف سان چيني نائب وزيراعظم جي ملاقات ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ جي سمورين رٿائن کي بنا رنڊڪ طئه ٿيل فريم ورڪ تحت مڪمل ڪرڻ تي اتفاق، سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن طرفان اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
چيني نائب وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس پهتو.
وزيراعظم شهباز شريف ٻاهر اچي معزز مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي ڪابينا ميمبرن جو تعارف ڪرايو.
چيني نائب وزيراعظم، به پنهنجي وفد جو وزيراعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو.
وزيراعظم شهباز شريف سان چيني نائب وزيراعظم جي ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن طرفان اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ جي سمورين رٿائن کي بنا رنڊڪ طئه ٿيل فريم ورڪ تحت مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ
ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ مسلسل برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گڊو ۽ سکر بئراجن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي درجي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4لک 81هزار 913ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 61 هزار 353 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 34 هزار 905 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 505 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 71 هزار 890 ڪيوڪسڪ رڪارڊ ڪيو ويو،، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 13 هزار 805 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ اضافي سان ڪچي جي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.
ڄامشورو، سيوهڻ، مانجهند، ٻڍاپور، انڙپور جي ڪچي ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڪچي جو زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي پهچڻ بعد مهاڻن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون.
واري جي دڙن جا ڏيک ڏيندڙ ڊائون اسٽريم آبي حيات جي واپسي تي ملاحن ۾ خوشي واري لهر ڇانيل آهن.
مهاڻن ٻيڙيون درياهه ۾ لاهي ڇڏيون ۽ ملاح مڇي جي شڪار ۾ مصروف آه











