اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو
اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ٻن مهينن لاءِ 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هلندڙ مال سال دوران ناڻي واڌ جي شرح 20 کان 22 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته ايندڙ مهينن دوران مهانگائي ۾ ترتيبوار گهٽتائي ٿيندي ۽ ٻئي شماهي ۾ دوران مهانگائي تيزي سان گهٽ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح کي5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جو ٽارگيٽ برقرار آهي، مالي سال 2025 جي پڄاڻي تائين مهانگائي جي شرح پنج کان ست سيڪڙو اچڻ جو امڪان آهي.
جميل احمد چيو ته معاشي ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهندي، معاشي شرح اندروني ۽ پرڏيهي صورتحال تي آهي.
هن چيو ته شيون ٻاهران گهرائڻ تي سموريون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن، امپورٽ لاءِ مارجن جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته بئنڪون پنهنجي ڪريڊٽ پاليسي ۽ رسڪ ڏسندي فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن، ڪسٽمر هڪ کان ٻئي بئنڪ تي وڃي سگهي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته هاڻي پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 8 ڏهائي 7 ارب ڊالر تي اچي ويا آهن، پرڏيهي قرضن جي ادائگي به ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته حڪومت فنانسنگ لاءِ انفلوز انتظام ڪيا آهن، پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا ڊسمبر ۾ بهتر ۽ جون ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته ايندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح وڌيڪ بهتر ٿيندي، ايڪسٽرنل سائڊ مسئلا حل ٿيڻ جي صورت ۾ معاشي شرح مستحڪم ٿي وئي ۽ تسلسل سان جاري رهندي.
سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي : وزيراعظم شهباز شريف
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا، ڏهه سال اڳ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي شروعات ٿي هئي، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ٿي.
تقريب دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڇهن دستاويزن تي صحيحون ٿيون.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ مواصلات، صنعت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ ٺاهن تي صحيحون ٿيون.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين راهداري منصوبي تي ڏهه سال اڳ صحيحون ٿيون، سي پيڪ منصوبن جي شروعات ڏهه سال اڳ نواز شريف جي دور ۾ ٿي.
سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تحت مختلف منصوبن تي 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي، چيني صدر جي ويزن موجب خطي ۾ ترقي لاءِ خواهشمند آهن.
هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي انتهائي اهم منصوبا آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هي دوستي هميشه برقرار رهندي ۽ هن ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاجي ريليون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ هاري تحريڪ طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪارونجهر بچايو، سنڌ بچايو جي عنوان سان روپلو ڪولهي جي يادگار کان مسڪين جهان خان چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
نصير آباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف حفيظ تنيو، علي گوهر، وحيد ۽ ٻين شاهه لطيف پارڪ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جبل قومي اثاثو ۽ ٿرپارڪر جي فطري سونهن آهي جنهن تي نيشنل پارڪ ٺاهي سياحن جي سهولت لاءِ قدم کنيا وڃن.
هنن چيو ته ڪارونجهر ۾ سندن ساهه آهي، پ پ حڪومت قومي ورثا نيلام ڪري رهي آهي جيڪا سنڌ دشمن سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ نيلامي ختم ڪري ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ۽ سنڌ اسيمبلي ايڪٽ ذريڳي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو : مصدق ملڪ
ممڪلتي وزير مصدق چيو آهي ته معدني وسيلن کي ملڪي ترقي لاءِ وڪرو ڪيو ويندو، معدنيات لاءِ گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي، ماڻهن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ۾ معدنياتي مٽيءَ جي قيمت 6 ڏهائي هڪ ٽريلين ڊالر آهي، پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته معدنيات جي مائننگ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب عوام کي ٿيندو، معدنيات جي انقلاب سان ملڪ ۾ روزگار جي بيشمار موقعا پيدا ٿيندا.
مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته گوادر ۾ صنعتي زون قائم ڪيو ويندو، معدنياتي انقلاب سان ملڪي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿيندو، معدنياتي انقلاب جا 3 مقصد آهن.
هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات بابت انڊسٽري لڳائي ويندي، ڪچي معدنيات مان ڌاتن کي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، معدنيات جي کوٽائي بابت نئي قانون سازي ڪئي ويندي.
مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته انساني ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ واضح رٿابندي ٿيندي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ ڀيلڪار چيو ويندو، سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن عمل ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ٻن سالن جي بلند ترين سطح پار ڪري ويو.
ٽريڊنگ دوران هڪ هزار 28 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو 48 هزار جي سطح کان به وڌي ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت ۾ 30 پيسا اضافو ٿيو آهي جنهن بعد انٽر بينڪ ۾ ڊالر 286 رپيا 75 پيسا ٿي ويو.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.
دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو.
برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو، جڏهن ته بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي
شھدادڪوٽ شهر ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿيو.
تيز هوا سبب دوڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي
ميھڙ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز ڀرسات جو وسڪارو ٿيڻ بعد هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي
وارھه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو ٿيو، جڏهن ته شهر جي هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
روهڙي شهر ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.
ڪوٽڏيجي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو.
برسات سبب هٺائي وارن علائقن ۾ پاڻي بهجي ويو، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿيڻ سبب رهواسين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو .
برسات سبب کجي ۽ وونئڻن جي فصلن کي نقصان پهچڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.
بوزداروڏا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو.
اوگرا ايل پي جي اگهه ۾ 24 رپيا في ڪلو واڌ
اوگرا ايل پي جي اگهه ۾ 24 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.
آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ايل پي جي اگهه ۾ 24 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 24 رپيا واڌ کانپوءِ 177رپيا مان وڌي 201 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته 11.8 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2092 رپين مان وڌي 2374 رپيا ٿي وئي آهي.
ڪمرشل سلينڊر جي قيمت 8049 رپين مان وڌيڪ 9132 رپيا ٿي وئي آهي.
انگلش بالر اينڊرسن ساٿي بالر براڊ جي ريٽائرمينٽ جي اعلان بعد ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو
انگلش بالر اينڊرسن ساٿي بالر براڊ جي ريٽائرمينٽ جي اعلان بعد ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو.
37ورهين جي انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هو آسٽريليا جي خلاف پنجين ايشز ٽيسٽ جي پڄاڻي تي رٽائر ٿي ويندو.
اسٽورٽ براڊ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڪيريئر جي 167هين ٽيسٽ ميچ کيڏي ۽ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 602 وڪيٽون حاصل ڪيو، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 600 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٻيون فاسٽ بالر آهي.
ايشز سيريز جي آخري ٽيسٽ جي دوري پرينٽر جيمز اينڊرس کان جڏهن براڊ جي رٽائرمينٽ تي سوال ڪندي چيو ته اوهان براڊ ياد ڪندئو ؟ جنهن تي اينڊرسن کلندي چيو ته بلڪل هو منهنجو بهترين ساٿي آهي
ان دوران اينڊرسن پنهنجي جذبات تي ضابطو نه آڻي سگهيو ۽ پنهنجي زبان مان لفظ نه ڪڍي سگهيو.
براڊ ۽ اينڊرسن جي جوڙي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب جوڙي سمجهيو ويندو آهي، ٻنهي پنهنجي شاندار بالنگ سان انگلينڊ کي ڪيتريون ئي ميچز کٽريون، ٻنهي پنهنجي فٽنس جي ڪري وڏي عرصي تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي آهي.
اسٽورٽ براڊ جي ريٽائرمينٽ کانپواءِ جيمز اينڊرسن ضرور پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر کي ياد ڪندو.
واضح رهي ته فاسٽ بالر طور اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي، هن 182 ميچن ۾ 689 وڪيٽون آهن، هاڻي به هو ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ لاءِ پر عزم آهي.
خطرن جو کهلاڙي هانگ ڪانگ ۾ 68 منزلا عمارت تان ڪري فوت
خطرن جو کهلاڙي هانگ ڪانگ ۾ 68 منزلا عمارت تان ڪري فوت ٿي ويو.
فرنس سان تعلق رکندڙ خطرن جو کهلاڙي ريمي لوسيڊي هانگ ڪانگ ۾ 68 منزلا عمارت تان ڪري فوت ٿي ويو
ريمي لوسيڊي 68 منزلا عمارت جي ڇت تي ٽپو ڏيڻ جي خطرناڪ اسٽنٽ جي دوران 721 فٽ جي اوچائيءَ تان ڪري فوت ٿي ويو.
برطانوي خابرو اداري موجب لوسيڊي هانگ ڪانگ ۾ بلند عمارت تان ٽپ ڏيڻ جي اسٽنٽ پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ٺاهڻ لاءِ ڪري رهيو هو، 30 ورهين جو ريمي لوسيڊي خميس جي ڏهاڙي تي هانگ ڪانگ پهتو هو.















