تازه ترين
Home Blog Page 1294

ملڪ جي معاشي ترقي، معدنيات ۽ مائننگ جي حوالي سان پاڪستان جي منرل سمٽ جي نالي سان تقريب اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي

0
ملڪ جي معاشي ترقي، معدنيات ۽ مائننگ جي حوالي سان پاڪستان جي منرل سمٽ جي نالي سان تقريب اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير اعزازي مهمان طور شرڪت ڪندو. تقريب ۾ عالمي وفدن ۽ سيڙپڪارن جي به شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته اهم قومي شخصيتون، نار ملڪن جا سفارتڪارن، چين، يورپي يونين ۽ معدني شعبي سان لاڳاپيل ڪاروباري شخصيتون تقريب ۾ شرڪت ڪنديون. ياد رهي ته تقريب جو مقصد پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي جي صلاحيتن ۽ صلاحيتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ آهي.

چين جي صدر شي جن پنگ 31 جولاءِ تي سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام

0
چين جي صدر شي جن پنگ 31 جولاءِ تي سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي. پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر چيو ته 2013 ۾ سي پيڪ جي افتتاح کان وٺي ٻئي ملڪ گڏيل تعمير ۽ حصيداري جي اصولن موجب سي پيڪ منصوبن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، انهن منصوبن جي ڪري پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي. هن چيو ته پاڪ-چائنا اقتصادي راهداري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ چئن موسمن جي دوستي جو زنده ثبوت بڻجي چڪي آهي. صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته عالمي صورتحال ۾ ڪيتري به تبديلي اچي، چين هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو، هو چين-پاڪستان آل ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي نئين بلندين تي وٺي ويندا. واضع رهي ته ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ايم ايل ون ريل منصوبي سميت 6 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداريءَ ڊنمارڪ جي هم منصب سان قرآن پاڪ جي بيحرمتيءَ جي واقعن تي سخت خدشن جو اظهار

0
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ ڊنمارڪ جي هم منصب سان قرآن پاڪ جي بيحرمتيءَ جي واقعن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪـَي راسموسن ساڻس فون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي وزير موجب، هن ڊنمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعن تي خدشا ظاهر ڪيا. بلاول ڀٽو موجب، ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هو اهڙن واقعن جي مذمت ڪن ٿا ۽ مسلمان ملڪن سان رابطي ۾ آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن ڊنمارڪ جي سفير کان مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪندڙ واقعا روڪڻ جو مطالبو ڪيو.

جهڏي ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت

0
جهڏي ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي ويئي ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مين هاءِ وي روڊ تي سم نالي وٽان سوڪ ۽ مهراڻ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت زاهده بي بي فوت ٿي وئي جڏھن ته ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي جهڏو  اسپتال آندو يو جتي کين طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو. فوتي عورت ۽ زخمي نئون ڪوٽ جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. ٻئي پاسي هنڊا سوڪ ڪار جو ڊرائيور حادثي کانپوءِ فرار ٿي ويو . پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا تفصيل ورتا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران مولانا فضل الرحمان سان ڏک جو اظهار

0
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي. وزيراعظم شهباشريف آپگهاتي حملي ۾  شهيد ٿي ويل جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن سان به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري کين آخري انجام تي پهچايو ويندو. ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطاءَ الرحمان، مولانا اسد محمود ۽ زاهد اڪرام دراني سان به جي ويو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ همدردن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، سانحو ملڪ ۾ امن جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ٿيڻ جي هدايت

0
اسلام آباد جي عدالت طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ اڄ ذاتي حيثيت ۾  پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته  عدالت  بيان قلمبند ڪرڻ جي تاريخ وڌائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وڪيل ڪيس کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هائيڪورٽ ۾ معاملو ٻڌڻي هيٺ هو ۽ هتي ڪارروائي ٿيندي رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي هائيڪورٽ جي ڊائري برانچ کان نيب گرفتار ڪيو، ٻئي ڏينهن پوليس لائن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته فرد جرم جي ڪارروائي تي سندن ٽي اعتراض آهن. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو فرد جرم لاڳو ٿيڻ واري ڏينهن جو واقعو آهي. خواجه حارث چيو ته اليڪشن ڪميشن شاهدن کان بيان جو رڪارڊ طلب ڪيو، سيشن عدالت جي فيصلن بابت مختلف عدالتن ۾ ڀڄي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته موجوده صورتحال موجب سيشن ڪورٽ ٽرائل جاري رکي سگهي ٿي، اڃا ٽرائل جاري آهي، فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي، ٽرائل جاري رکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته  پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن جو مقصد ٽرائل ۾ دير ڪرائڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس سينئر وڪيل خواجه حارث جو رويو سڀني سامهون آهي.

حڪومت پيٽروليم شئين جي اگهن ۾ هڪ ڀير ٻيهر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏي

0
حڪومت پيٽروليم شئين جي اگهن ۾ هڪ ڀير ٻيهر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏي. پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 90 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو

0
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي. وزيراعظم شهباشريف آپگهاتي حملي ۾  شهيد ٿي ويل جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن سان به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري کين آخري انجام تي پهچايو ويندو. ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطاءَ الرحمان، مولانا اسد محمود ۽ زاهد اڪرام دراني سان به جي ويو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ همدردن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، سانحو ملڪ ۾ امن جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي ھڪ وڌيڪ روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نئون روٽ ملير ڪينٽ چيڪ پوسٽ نمبر 5 کان نمائش چورنگي، تائين 18 ڪلوميٽر ڊگھو هوندو. ھن چيو تھ اليڪٽرڪ بس صفورا چورنگي، ڪامران چورنگي کان ٿيندي، پرفيوم چوڪ، ملينيم مال ويندي. سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ بس ڊالميا، لياقت نيشنل اسپتال، جيل چورنگي ايم اي جناح روڊ کان ٿيندي نمائش چورنگي پهچندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اڄ کان اليڪٽرڪ بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو  ويو آھي، نئين روٽ سان عوام جي سفري سهولتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي عوام جي سفري پريشانين جو احساس آهي، عوام کي سستي ۽ آرام ڏيندڙ سواري فراهم ڪرڻ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پھرين آهي.

ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائڻ لاءِ عورت پنهنجو گهر کپائي ڇڏيو

0
امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي رهواسڻ 50ورهين جي هڪ عورت بلا گرهين منهن جي پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ لاءِ پنهنجو گهر کپائي ڇڏيو. ڪيلي جي موجب، هو 20 جي ڏهاڪي کان پنهنجي منهن جي خوبصورتي ۾ واڌ ڪرائڻ لاءِ بوٽڪس ۽ گذريل 15 سالن کان فلرز جو سهارو وٺندي رهي پر هاڻي وٽس سرجري ڪرائڻ لاءِ پئسا نه هئا جنهن بعد هن پنهنجو گهر وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن ميڪسيڪو ۾ پنهنجي منهن، چپن، ڳلي جي ڪاسميٽڪ سرجري ۽ ٻانهن ۾ اضافي چرٻي ڪڍرائڻ جي لاءِ سرجري جي چونڊ ڪئي. منهن جي ڪاسميٽڪ سرجري جي لاءِ مجموعي طور تي 14000 ڊالرز جي ماليت آئي ۽ ان لاءِ ڪيلي بيسلي کي وڏي قرباني به ڏيڻي پئي، هاڻي هوءَ گهر وڪرو ڪرڻ  پنهنجي هڪ وين ۾ وقت گذاريندي آهي، گهر وڪرو ڪرڻ بعد به کيس ڪو پڇتاءَ نه آهي.
Exit mobile version