حڪومتي اتحادين پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ بجيٽ تان اختلافن جي خاتمي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي
ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪجهه رانديگر لاهور پهچي ويا
ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪجهه رانديگر لاهور پهچي ويا.
رانديگر ۽ آفيشلز خانگي ايئر لائنز ذريعي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتا.
ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن ۾ نسيم شاهه، عثمان خان ۽ وهاب رياض شامل آهن.
ڪپتان بابر اعظم، حارث رئوف، عماد وسيم، اعظم خان ۽ محمد عامر ٽيم سان واپس ناهن آيا، هو ڪجهه ڏينهن امريڪا ۾ ترسندا.
واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ رائونڊ تائين پهچڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي،
پاڪستان کي پهرين مرحلي جي ٻن ميچن ۾ شڪست ملي هئي، جنهن ۾ قومي ٽيم کي آمريڪا خلاف اپ سيٽ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته قومي ٽيم به ڀارت کان کٽيل ميچ به هارائي وئي هئي….
پاڪ چين لاڳاپن بابت غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو سنگ ميل ۽ ڪاميابي آهي: چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپن بابت غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو سنگ ميل ۽ ڪاميابي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ناڪاري پروپيگنڊا تي ردعمل ڏيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو سنگ ميل ۽ ڪاميابي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ خوشحالي ايندي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي دوري سان ڪيترائي رستا پيدا ٿيا آهن جن مان عوام کي فائدو ٿيندو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان به ملاقات ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي نشاني آهي…….
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان، نيشنل پارٽي جي صدر عبدالمالڪ بلوچ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن سياسي اڳواڻن کي عيد جي مبارڪباد ڏني.
سياسي اڳواڻن پڻ وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو……..
قرباني جي عيد دوران ڪراچي مان غلاضتون کڻڻ جو سلسلو جاري آهي: مرتضيٰ وهاب
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قرباني جي عيد دوران ڪراچي مان غلاضتون کڻڻ جو سلسلو جاري آهي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب عيد جي ٻئي ڏهاڙي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ايم ڊي سالٽ ويسٽ سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي 25 ٽائونن مان 68 هزار تن غلاضتون کنيون ويون آهن.
هن چيو ته شهر ۾ 99 ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن، سمورا ميونسپل انتظاميه، سالڊ ويسٽ ۽ مڪاني ادارا سرگرم آهن.
سندس چوڻ هو ته شهر ۾ 99 ڪليڪشن پوائنٽس قام ڪري غلاضتن کي لينڊ فلس سائٽس تي منتقل ڪيو پيو وڃي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪليڪشن پوائنٽس تان غلاضتون کڻي چوني جو ڇنڪار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سندس عيد جي ٽن ڏينهن دوران آپريشن مڪمل ڪري ڪليڪشن پوائنٽس تي چوني، ڪلورين ۽ گلاب جي عرق جو ڇنڪار ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته روزاني بنياد تي ڪليڪشن پوائنٽس تي اسپري جو عمل به جاري آهي، هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻن ڏينهن دوران ڪراچي جي عوام ڀرپور سهڪار ڪيو، ڪٿان به ڪنهن قسم جي شڪايت نه ملي آهي
30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، غريب خاندانن کي پهريان سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا: صوبائي وزير ناصر شاهه
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، غريب خاندانن کي پهريان سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهو جو خيال رکيو وڃي.
هن چيو ته اليڪشن دوران بلاول ڀٽو زرداري جيڪو واعدو ڪيو ان کي پورو ڪيو پيو وڃي، مفت بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ منصوبا تيار ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، پهريان انهن خاندانن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، انتهائي غريب خاندانن کي هڪ پکو ۽ 3 بلب هلائڻ لاءِ پهريان سولر سسٽم فراهم ڪندا.
ناصر شاهه چيو ته وچولي طبقي کي به سپورٽ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، وچولي طبقي وارا خاندان جيڪي پاڻ سولر سسٽم لڳائڻ چاهين انهن لاءِ قرض اسڪيم ٺاهي رهيا آهن، سولر سسٽم لاءِ قرض جو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي وفاقي بجيٽ تي خدشا آهن، سنڌ سان گذريل ڏهاڪي ۾ وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، ٻين صوبن ۾ کربين رپين جا ڪم ٿيا آهن، سنڌ کي ٻه ٽي سيڪڙو کان وڌيڪ پي ايس ڊي پي ۾ حصو نه ڏنو ويو.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڪراچيءَ لاءِ جيڪا بجيٽ رکي وئي آهي ان ۾ اربين رپين جو ڪم ٿي رهيو آهي.
وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اميد ته جڏهن بجيٽ پاس ٿيندي ته پ پ جي سفارشن تي ٽيڪس شرح گهٽ ٿيندي.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته مخالف ڌر طرفان احتجاج ملڪي مسئلن جو حل ناهي، باني پي ٽي آءِ جو الميو آهي ته هر ڳالهه سندس ذات تائين گهمي ٿي، اميد ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ باني جيل مان ڪجهه سکي ايندو.
هن چيو ته عيد تي شهيدن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي.
کيس نه ٿو لڳي ته پ پ وفاقي حڪومت جو حصو ٿيندي: فيصل ڪريم ڪنڊي
ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته کيس نه ٿو لڳي ته پ پ وفاقي حڪومت جو حصو ٿيندي.
هڪ انٽرويو ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور سان سندس ڪنهن به قسم جي ملاقات نه ٿي آهي، هاڻي دير ٿي چڪي آهي، ساڻس رابطي جو امڪان ناهي.
هن چيو ته مخالف ڌر جو ڪم حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ آهي، اپوزيشن گوڙ ڪري بائيڪاٽ ڪندي ۽ حڪومت بجيٽ پاس ڪرائي ويندي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ بابت پ پ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته گڏجي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته موجوده بجيٽ آءِ ايم ايف جي آهي، قرض وٺن ٿا ته عالمي اداري جون ڳالهيون به مڃڻيون پونديون، حڪومت ڪوشش ڪئي ته سٺي بجيٽ ڏني وڃي.
هن چيو ته وزيراعظم طرفان آءِ ايم ايف جو پروگرام آخري هئڻ واري ڳالهه سٺو سنوڻ آهي…………………..
گورنر کي ڏاچي وارو معامو سرڪس يا فوٽو سيشن ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي: شازيا مري
پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته گورنر کي ڏاچي وارو معامو سرڪس يا فوٽو سيشن ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري جو چوڻ آهي ته ڏاچي زخمي هئڻ سبب گهٻراهٽ ۽ خوف جو شڪار ٿي وئي آهي، ڏاچي جي سار سنڀال کي ظاهر ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن.
سندس چوڻ هو ته خبر پئي آهي ته سنڌ جو گورنر اڄ منجهند زخمي ڏاچيءَ جي عيادت ڪري رهيو آهي، مان هن کي درخواست ڪنديس ته مهرباني ڪري ان کي سرڪس يا فوٽو سيشن ۾ تبديل نه ڪن.
شازيه مري جو چوڻ هو ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڏاچي زخمي آهي ان لاءِ خوفزده آهي.
سينيٽر قرت العين جو چوڻ هو ته ڪو به جانورن جي اسپتال جي انتطاميه جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڏاچي گوڙ ۾ ڇا محسوس ڪري رهي هوندي ٿورو خيال ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته گورنر جي دوري سبب ميڊيا رڳو ريٽنگ لاءِ زخمي ڏاچيءَ مٿان هجوم ڪرڻ لاءِ بيٺل آهي………..
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ چار ڄڻا فوت
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا.
قاضي احمد ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا.
لاکا پمپ وٽ حادثي ۾ عوارت پارپتي باگڙي ۽ سندس مڙس ارداس باگڙي اجل جو شڪار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي جا لاش کڻائي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
زال مڙس جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو………
مٽياري ويجهو قومي شاهراهه تي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو.
قومي شاهراهه تي حادثي ۾ڳوٺ مير محمد لاکو جو رهواسي 70 سالن جو رحمت الله لاکو فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پيرسن جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.
هوڏانهن لکي غلام شاهه واسي حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.
حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت مسمات صحت خاتون فوت وئي
حڪومت طرفان ريٽيلرز تي جولاءِ مهيني کان ٽيڪس هڻڻ جو اعلان
حڪومت طرفان ريٽيلرز تي جولاءِ مهيني کان ٽيڪس هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اسپتالون ۽ اسڪول چندي تي هلندا آهن، ملڪ هلائڻ لاءِ ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ملڪي ترقي لاءِ سڀ ڪجهه خانگي شعبي حوالي ڪرڻو پوندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته سندس آبادگارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون آهن، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 9 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي جا ڪافي ناهي.
هن چيو ته خيرات سان اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون هلي سگهن ٿيون ملڪ رڳو ٽيڪس سان هلي سگهي ٿو، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 ڏهائي 5 سيڪڙو تي آڻڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ذريعي ئي سمورو نظام هلندو آهي، جي ڊي پي جو دارو مدار ٽيڪسن تي آهي، جيڪا شعبا ٽيڪس نه ٿا ڏين تنهن کي نظام ۾ آندو پيو وڃي، ٻين سيڪٽرن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي.
محمد اورنگزيب چيو ته 31 کان 32 هزار ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جولاءِ مهيني ۾ مٿن ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ٽيڪس ڊجيٽائيزيشن سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿيندي.
هن چيو ته ٽيڪس نه ڏيندڙن کي هاڻي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ايف بي آر ۾ به بهتري جا قدم کنيا پيا وڃن، کين شيون بيلنس ڪري هلڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ادارن جو خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا و ڃن، جتي جتي ڪرپشن هوندي تنهن اداري کي بند ڪيو ويندو، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي سان معيشيت ۾ بهتري ايندي.
محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي ترقي لاءِ سڀ ڪجهه خانگي سيڪٽر حوالي ڪرڻو پوندو، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ جي ڳالهه درست آهي.
هن چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته پگهار طبقي کي رليف نه ڏنو ويو آهي، ادارا اربين رپين جو نقصان ڪن ته ملازمن کي رليف ڪيئن ملندو؟
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف کي جلد رپورٽ ڏني ويندي ته ڪهڙن ادارن کي بند ڪرڻو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته صوبن کي منتقل ڪيل ادارن کي وفاق کان الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي.















