حاجي سڳورن جي ڏيهه واپسي جي اڄ کان شروعات ٿي رهي آهي، 150 حاجي سڳورن کي کڻي پهرين اڏام ملتان، ٻي لاهور ۽ ٽئين اسلام آباد پهچندي
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.
سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مهراڻ پهوڙ واسي منير احمد ۽ حيات پهوڙ قتل ٿي ويا جڏهن ته نصير پهوڙ زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو.
زخمي نصير پهوڙ ٻڌايو ته هو چاچي ۽ سئوٽ سان گڏ حاضري تي آيل هئا، پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪيو آهي.
زخمي نصير پهوڙ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٽن ڄڻن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورو گوليون هڻي پيءُ کي قتل ۽ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورو گوليون هڻي پيءُ کي قتل ۽ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ ايل پي جي دڪان تي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي 50 ورهين جو ظفر اقبال مارجي ويو جڏهن ته سندس پٽ وهاب زخمي ٿي پيو.
ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ٻئي جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا، سڃاڻپ بعد ٻنهي کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو پيو وڃي.
مڪي شريف ۾ سخت گرميءَ سبب فوت ٿيل حاجين جو انگ 922 ٿي ويو
مڪي شريف ۾ هلندڙ حج سيزن دوران هيٽ ويو سبب فوت ٿيل حاجين جو انگ 922 ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حج سيزن دوران سخت گرمي سبب فوت ٿيلن حاجي سڳورن جو انگ 922 تائين پهچي ويو آهي.
عرب سفارتڪار جو چوڻ آهي ته فوتي حاجين مان گھٽ ۾ گھٽ 600 جو تعلق مصر سان آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٻين حاجين جو تعلق اردن، انڊونيشيا، ايران، سينيگال، تيونس ۽ عراق سان آهي، اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته انهن ملڪن جي حاجين جو موت هيٽ ويو سان ٿيو آهي يا نه، اردن جي گم ٿيل 20 حاجين جي ڳولا به جاري آهي.
سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته سخت گرميءَ سبب بيمار 2 هزار حاجي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هن سال 18 لک ماڻهن حج ادا ڪيو، حج دوران گرمي پد 51 ڏهائي 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.
اسرائيل جي غزه، رفح ۽ خان يونس ۾ دهشتگردي جاري جاري
اسرائيل جي غزه، رفح ۽ خان يونس ۾ دهشتگردي جاري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 فلسطيني شهيد ۽ 71 زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته رفح ۾ امداد جي منتظر شهرين تي بمباري ۾ 9 فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿيا جڏهن ته زيتون محلي ۾ حملي ۾ ٻن فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج خان يونس ۾ يورپي اسپتال حملي ۾ 11 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 37 هزار 400 ٿي ويو، 85 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي اسرائيلي فوج اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو حماس کي شڪست نه ڏئي سگھيا آهن، حماس هڪ نظريو آهي جنهن کي هارائي نٿو سگھجي.
اسرائيلي فوجي ترجمان موجب، حماس کي شڪست ڏيڻ جو بيان اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي.
ٻئي پاسي ڊينيئل هگاري جي بيان کي نيتن ياهو آفيس رد ڪري ڇڏيو آهي.
نيتن ياهو آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه جنگ حماس کي شڪست ڏيڻ تائين ختم نه ٿيندي.
هوڏانهن حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيلي فوج کي هر پاسي کي شڪست ملي رهي آهي، جيڪڏهن جنگ ٿي ته اسرائيل ۾ ڪابه جاءِ محفوظ نه رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج جاني ۽ مالي نقصان تسليم نه پئي ڪري، هنن اسرائيل کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي.
صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهچي رهيو آهي
صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهچي رهيو آهي.
صدر آصف علي زرداري گوادر جي دوري دوران امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ جاري منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندو.
بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي ۽ صوبائي وزير به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هوندا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو
قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام پنجين وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن جو 2 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث اڄ کان شروع ٿيندو، موجوده اجلاس ۾ فنانس بل 25-2024 به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو، اپوزيشن ليڊر حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ٽيڪس نظام تي تنقيد ڪندو، مخالف ڌر بجيٽ جي منظوري دوران احتجاج ۽ هنگامو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب بجيٽ تي بحث هڪ هفتو جاري رهندو، اجلاس ڇنڇر ۽ آچر تي به جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت 29 جون تي قومي اسيمبلي مان بجيٽ جي منظوري حاصل ڪندي.
حڪومتي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ ۽ بجيٽ جي منظوري تائين پنهنجن تڪن ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٽيليفونڪ رابطو
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
رابطي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني.
وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا يو اَي اِي جي صدر قبول ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي مسلسل حمايت تي يو اي اي جي صدر جا ٿورا مڃيا……
سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم تحت سنڌ جي سمورن ٽول پلازن تي آن لائين ڪيمرائون لڳي ويون آهن، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ افتتاح ڪندو
سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم تحت سنڌ جي سمورن ٽول پلازن تي آن لائين ڪيمرائون لڳي ويون آهن، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ افتتاح ڪندو.
سمورن 40 ٽول پلازن تي آن لائين ڪيمرائون لڳائڻ سان گڏ آر آر ايف اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.
سنڌ حڪومت پاران اڄ کان ايس فور سسٽم جو افتتاح ڪيو ويندو.
سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته پوليس آهستي آهستي جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل پوليسنگ ڏانهن وڌي رهي آهي.
ترجمان موجب، سرويلنس سسٽم ڏوهن ۽ ان ۾ ملوث عنصرن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، هن سسٽم جي فعال ٿيڻ سان ڏوهارين جي چرپر محدود ٿي ويندي ۽ ڏوهن خلاف پوليس جي ڪاميابي جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيندو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
علي امين گنڊاپور جي گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي بحال ڪرڻ ۽ نيشنل گرڊ کي بجلي نه ڏيڻ واري ڌمڪي بعد وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ ڪي پي جي وڏي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير، وفاقي گهرو وزير کي پنهنجن خدشن ۽ عوامي شڪايتن بابت آگاهه ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڳالهين ۽ صلاح مشوري تي اتفاق ڪيو.
ڪي پي جي وڏي وزير ۽ گهرو وزير اتفاق ڪيو ته سهڻي نموني ڳالهين ذريعي غلط فهميون ختم ڪيون وينديون.
علي امين گنڊا پور، محسن نقويءَ کين گرڊ اسٽيشنن جي حفاظت ۽ تحفظ يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته گهرو وزير چيو ته پوري ڪوشش آهي ته خيبرپختونخوا ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، سمورن وفاقي ٿاڪن جي حفاظت سندن ذميواري آهي.















