تازه ترين

آئيني ترميم بابت پنهنجي موقف تي قائم آهيان:جي يو آءِ سربراهه

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم بابت هو پنهنجي موقف تي قائم آهي، سندن شرطون مڃيون وڃن ته مناسب مسودي تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، آرڙهين ترميم ذريعي آئين ۾ موجود بگاڙ ختم ڪيو هو پر ان باوجود 19هين ترميم ذريعي عدالتي سڌارن ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي ختم ڪيو ويو، هو تجويز ڪن ٿا ته 19هين ترميم ختم ڪري 18هين ترميم بحالي ڪئي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نئين آئيني ترميم جي مسودي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. بلاول سان ملاقات بعد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مسودي تي ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اڄ ئي ڪميٽين جي ميمبرن کي ڪاپيون ڏنيون آهن، بلاول ان کان اڳ به آيو هو ۽ اڄ به آيو، هنن اتفاق ڪيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ گڏيل مسودي طرف اڳتي وڌن، حڪومت جي ٻين اتحادين کي به مسعودي بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته سندن طرفان پيپلزپارٽيءَ کي اهو اطمينان ڪرايو ويو آهي ته هڪ مناسب مسودي تي اتفاق ڪري سگهجي ٿو، ان شرط تي ته  سندن سموريون تجويزون  قبول ڪيون وڃن. مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن آرڙهين ترميم ذريعي آئين ۾ موجود بگاڙ ختم ڪيو هو پر ان باوجود 19هين ترميم ذريعي عدالتي سڌارن ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي ختم ڪيو ويو، هو تجويز ڪن ٿا ته 19هين ترميم ختم ڪري 18هين ترميم بحالي ڪئي وڃي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ججن جي مقرري سينارٽي، ڪارڪردگي ۽ صحت  جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، جتي عدالتي ڪميشن جو ڪردار  هوندو، اتي پارليامينٽ جو به ڪردار ادا ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته سندن موقف کي عوامي موٽ ملي آهي، کين عوامي خواهشن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته عدليا کي سياسي طور نه ورهايو وڃي، جج، جج هوندو آهي، ان کي جج ئي رهجڻ گهرجي، 25 آڪٽوبر تي جيڪڏهن چيف جسٽس رٽائر ٿي وڃي پر نظام هلڻ گهرجي، عدليا جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني بئنچ يا عدالت ٻئي هڪٻئي جا متبادل ٿي سگهن ٿا، ان تي سندن تڪرار ختم ٿي وڃي ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون