آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن، اسيمبلي ميمبرن جي غائب ٿيڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن، اسيمبلي ميمبرن جي غائب ٿيڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، آئيني ترميم جو مقصد پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪرڻ آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته الحمد الله آئيني ترميم لاءِ وٽن نمبر پورا آهن، هڪ گڏيل مسودو تيار ٿيو آهي، سندن ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو ان ترميم جي حمايت ڪن. هن چيو ته آئيني ترميم جو مقصد پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪرڻ آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. خواجه آصف چيو ته چيو پيو وڃي ته ڪجهه ماڻهو اغوا ٿيا آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪا عورت اغوا ٿي آهي يا ڪو ٻيو ٿيو آهي؟ سڀ پنهنجن گهرن ۾موجود آهن، هيءَ ڪوڙو موقف ٺاهيندڙ پارٽي آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته لاهور ۾ جيڪو واقعو ٿيو، ان جو ڪهڙو انجام ٿيو؟ سمورو ڪوڙ دني آڏو اچي ويو. خواجه آصف چيو ته هنن کي نظر پيو اچي ته ترميم پاس ٿي ويندي  ۽ هنن کي ملندڙ پناهگاهون ختم ٿي وينديون. ان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڪوشش آهي ته آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت وٽ ميمبرن جا نمبر پورا آهن، سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشوري جو عمل جاري آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ڪابينا اجلاس جو وقت تبديل ڪرڻ جو سبب صلاح مشوري جو عمل مڪمل ڪرڻ آهي، آئيني ترميمن جي منظوري ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن، آئيني ترميمن تي اتفاق ٿي وڃي ته بهتر آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
36%
5.1m/s
2%
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون