- Advertisement -
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر ڊيوڊ وارنر ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو سندس فيصلو سٺو آهي، ٽيم لاءِ ٽي ٽوئنٽي کيڏندو رهندو، جيڪڏهن ٽيم کي ضرورت پئي ته 2025ع جي آءِ سي سي چيمپئن ٽرافي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.
آسٽريليا جي راڄڌاني سڊني ۾ ڊيوڊ وارنر ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو سندس فيصلو سٺو آهي، ٽيم لاءِ ٽي ٽوئنٽي کيڏندو رهندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيم کي ضرورت پئي ته 2025ع جي آءِ سي سي چيمپئن ٽرافي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر تازو ئي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي کي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.- Advertisement -
