- Advertisement -
آمريڪي صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم ۾ ٽيليفونڪ رابطي کانپوءِ آمريڪا پاران اسرائيل جي بچاءُ لاءِ وڌيڪ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ نائب صدر ڪملا هيرس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل کي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن کان بچائڻ لاءِ وڌيڪ دفاعي سامان موڪلڻ تي غور ڪيو ويو.
وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي ايران، حماس، حزب الله ۽ حوثين کان تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
آمريڪي اخبار موجب آمريڪا پاران موڪليل جنگي ٻيڙي ۾ 6 ميزائل بردار جهاز موجود آهن، جڏهن ته 5 آمريڪي جنگي جهاز اڳ ئي سمنڊ ۾ موجود آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب شام، لبنان ۽ اسرائيل جي سامونڊي پٽي تي آمريڪي جاسوس جهازن جي اڏام جاري آهي، چئن ڪلاڪن جي اڏام دوران انٽيليجنس ڊيٽا گڏ ڪئي وئي….- Advertisement -
