تازه ترين

آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن وچ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين فون تي ڳالهه ٻولهه، وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ڳالهه ٻولهه سٺي ۽ نتيجو ڏيندڙ هئي: ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ يوڪرين جنگ بندي تي هنگري ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته روسي صدر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جلد ملاقات به ٿيندي. وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو يوڪريني صدر سان ملاقات ڪندو ۽ ساڻس پيوٽن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ڪندو. هن چيو ته روسي ۽ يوڪريني صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ٿي سگهن ٿيون، ايندڙ ٻن هفتن دوران روسي صدر سان ملاقات جو امڪان آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته روس- يوڪرين جنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، روس تي پابندين جو فيصلو مشاورت کانپوءِ ڪندو، روس يوڪرين نائين جنگ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته غزا مان ڪجهه يرغمالين جا لاش اڄ اسرائيل آندا ويا آهن، حماس جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي ته آمريڪا مداخلت ڪندو. هوڏانهن حماس جو چوڻ آهي ته يرغمالين جي لاشن جي واپسي ۾ وقت لڳي سگهي ٿو، ڪجهه لاش تباهه ٿيل سرنگهن ۾ دفن آهن، ڪجهه لاش اڃا به ملبي هيٺان دٻيل آهن. حماس موجب سمورن لاشن تائين پهچڻ ۾ وقت گهربل آهي، يرغمالين جا لاش ڪڍڻ لاءِ اوزار گهربل آهن، ملبو هٽائڻ وارا اوزار اسرائيلي پابندي سبب دستياب ناهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
35 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون