- Advertisement -
اسرائيل جي لبنان تي بمباري ۾ 5 پيرا ميڊڪس ورڪرن سميت 62 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب لبناني علائقي چياهه ۾ اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن جي بمباري سبب 2 عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا، هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ اسپتال جي ڊائريڪٽر سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
لبنان جي علائقي بالبڪ ۾ اسرائيلي حملي ۾ 24 ڄڻن شهادت ماڻي.
عرب ميڊيا موجب بيروت جي ڀرپاسي وارن علائقن تي سڄي رات هوائي حملا جاري رهيا.
ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيلي فوجين وچ ۾چڪريون ٿيون، حزب الله اسرائيلي ٽينڪ تي ميزائل حملي ۾ ڪيترائي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
حزب الله جو چوڻ آهي ته حيفا ڀرسان اسرائيلي ملٽري بيس کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو.
لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب هيل تائين شهيد ٿيلن جو انگ 3 هزار 670 ٿي ويو، جڏهن ته 15 هزار 335 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
