- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي جي وحشياڻن حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 5000 کان وڌي ويو، جڏهن ته اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جا غزه تي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 5 هزارن کان وڌي ويو.
شهيدن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ٻار ۽ 11 سئو کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.
اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن، اسرائيلي سرحدي پٽي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته علائقي تي ڊرون جون اڏامون پڻ جاري آهن.
آمريڪي صدر بائيڊن کانپوءِ برطانوي وزيراعظم به غزه جي اسپتال تي حملي ۾ اسرائيل کي ڪلين چٽ ڏني آهي.
روسي پرڏيهي وزير سرهئي لاوروف جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار کي هڪ طرفو حل ڪرڻ جون ڪوششون صورتحال کي بگاڙي سگهي ٿي، اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ ۾ بنا دير جنگبندي جي ضرورت آهي.- Advertisement -
