- Advertisement -
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن کي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسى جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ صبح ساڍي يارهين وڳي ٻڌڻي ڪندو.
لارجي بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن.
سپريم ڪورٽ معاملي بابت ٻيون 9 درخواستون به نوٽيس ڪيس سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون آهن.
آئيني درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن کان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي آهي.
عدالت طرفان اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي……..- Advertisement -
