- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
بين الاپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته امن ۽ استحڪام ئي پائيدار ترقي جو بنياد آهي، اهي سمجهن ٿا ته ترقي ان معاشري ۾ ممڪن آهي جتي امن ۽ سلامتي هجي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان به ڪيترائي ڀيرا امن دشمن ڪاررواين کي منهن ڏنو، انهن هميشه استحڪام ۽ وطن جي دفاع ۾ عزم جو مظاهرو ڪيو، هنن جي هٿياربند فوج بهترين پيشيور ڪارڪردگي سان دشمن جو عزم ناڪام بڻايو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هن سال مئي ۾ اوڀر سرحد تي بنا جواز اڳرائي ڪئي وئي جڏهن ته گذريل مهيني افغان سرزمين تان پاڪستاني چوڪين تي حملا ٿيا جن جو پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏنو، دنيا ۾ جاري تڪرارن امن کي اجاگر ڪيو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان کي سمجهڻو پوندو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حمايت سان امن حاصل نه ٿيندو، افغان حڪومت ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف موثر ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار لاءِ تيار آهي.- Advertisement -
