افغان حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري زوب ۾ مارجي ويل دهشتگرد افغاني هو:آءِ ايس پي آر

spot_img
پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته افغان حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري زوب ۾ مارجي ويل دهشتگرد افغاني هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 11 جنوري تي بلوچستان جي زوب ضلعي جي سرحدي علائقي سنبازه ۾  هڪ افغان شهري مارجي ويو. دهشتگرد جي سڃاڻپ محمد خان احمد خيل جي نالي سان ٿي، جيڪو حاجي قاسم داوران خان جو پٽ ۽افغانستان جي پڪتيڪا صوبي جي ضلعي وزيرخوا جي بلورائي جو رهواسي هو. آءِ ايس پي آر موجب ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد 20 جنوري تي ان جو لاش عبوري افغان حڪومت حوالي ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته واقعو پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ جو ترديد نه ڪرڻ جوڳو ثبوت آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون