- Advertisement -
افغان قونصل خاني جي عهديدارن بد تهذيبي ۽ سفارتي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي قومي تراني جي احترام ۾ بيهڻ وساري ڇڏيو، پاڪستان افغان قونصل جنرل طرفان قومي تراني جي بي حرمتيءَ جي مذمت ڪئي آهي.
افغان قونصليٽ جي عهديدارن کي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊارپور پشاور ۾ ڪوٺايل رحمت اللعالمين ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
افغان قونصل جنرل محب الله شاڪر پاڪستان جي قومي تراني دوران ويٺل رهيو ۽ سفارتي پروٽوڪول جا بخيا اڊيڙيا.
قومي تراني جو احترام نه ڪري افغان قونصل جنرل اعلان ڪيو ته کيس پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو ڪو به احترام ناهي.
اهو غير معمولي واقعو ۽ سفارتي ادبن خلاف آهي، ڪنهن به سڌريل معاشري ۾ اهڙي حرڪت تهذيب خلاف هوندي آهي.
ماهرن جي راءِ آهي ته اهڙي شخص کي ناپسنديده قرار ڏئي ملڪ مان ڪڍيو وڃي، افغان قونصل جنرل کي دعوت ڏيندڙ ڪي پي حڪومت تي به سوال اٿن ٿا ته کين پاڪستان جي عزت ۽ سفارتي پروٽوڪول جو ڪو به خيال ناهي؟ پرڏيهي کاتي کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
هوڏانهن پرڏيهي آفيس افغان قونصل جنرل طرفان قومي تراني جي بي حرمتيءَ جي مذمت ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته ميزبان ملڪ جي قومي تراني جي بي حرمتي سفارتي ادب خلاف آهي، معاملي تي پنهنجو احتجاج اسلام آباد ۽ ڪابل ۾ افغان اختيارين تائين پهچايو پيو وڃي.- Advertisement -
