- Advertisement -
ايراني صدر مسعود پزشڪيان طرفان سڀاڻي پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد آمد جو امڪان آهي، جنهن دوران هو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان طرفان سڀاڻي پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد آمد جو امڪان آهي.
ريڊ زون ۾ ايراني صدر جي دوري بابت تياريون جاري آهن، ٻنهي ملڪن جا جهنڊا لڳايا پيا وڃن.
سي ڊي اي جو عملو ريڊ زون ۾ سجاوٽ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جي به غير معمولي انتظامن جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو.
ذريعن موجب، ملاقاتن ۾ ايران ۽ آمريڪا ڳالهين سميت خطي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي………- Advertisement -
