ايس ايس خالد مصطفيٰ ڪورائي شڪارپور طور چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي موٽرسائيڪل تي لکيدر گھنٽا گھر تي پهچي ڦر متاثر دڪاندار سان ملاقات ڪئي.
ايس ايس پي شڪارپور موٽر سائيڪل تي شھر جو دؤرو ڪرڻ بعد شڪارپور پريس ڪلب پھتو.
ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته شڪارپور ضلعي مان ڏوھارين سندن مددگارن کي چٿيو ويندو، هو هتي ڏوھارين خلاف جھاد ڪرڻ آيو آھي.
ايس ايس پي شڪارپور چيو ته شھر ۾ جوا، منشيات، ڦرن ۽ ڌاڙن ۾ ملوث ڏوھارين کي ڪنھن به صورت ۾ معافي نه ملندي. هن چيو ته پيرين اگهاڙي گھندڙ مظلوم ماڻھن جو خوف آھي، ٻيو ڪنھن جو خوف ناھي.
