- Advertisement -
ايندڙ مالي سال لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپين تائين اضافي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ايندڙ مالي سال بجلي خريداريءَ جي قميت مقرر ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته ايندڙ مالي سال بجلي خريداري جي قميت جو ڪاٿو 3 هزار 580 ارب رپيا آهي.
داخل ڪرايل درخواست موجب بجلي خريداري قميت جو ڪاٿو هلندڙ مالي سال کان 300 ارب رپيا وڌيڪ آهي.
ذريعن موجب هلندڙ مالي سال بجلي خريداريءَ جو ڪاٿو 3 هزار 280 ارب رپيا هو.
سي پي پي ايَ جي درخواست تي قطعي فيصلو نيپرا 23 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.- Advertisement -
