اڄوڪو ڏينهن 1998 ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو : آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
پاڪ فوج يوم تڪبير جي 26 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو، جنهن خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان يومِ تڪبير جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوجَ 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اهو اهم موقعو 1998ع ۾ پاڪستان جي ايٽمي تجربن جي تاريخي ڪاميابي جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ڪاميابيءَ سان قابل اعتبار گهٽ ۾ گهٽ ڊيٽرنس قائم ڪيو ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهن پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته مشڪلاتن باوجود شاندار ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي هٿياربند فوج ۽ قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي، خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارا سمورا سائنسدان، انجنيئر ۽ عملدار ساراهه جا مستحق آهن. هٿياربند فوج جي سربراهن چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ جي اهم ترين ڏينهن تي پاڪستاني فوج مادر وطن جي آزادي ۽ وقار جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي، قوم جو دفاع هر لمحي ۽ هر وقت يقيني بڻايو ويندو، انشاالله پاڪستان زنده باد.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون